حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. ڪنري جي رهواسڻ مسمات شازيه پنهنجي مڙس شاهه عالم سان گڏ تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو. هن چيو ته 7 نومبر تي گهران نڪري مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿيڻ بعد هن شاهه عالم سان پسند جي شادي ڪئيو آهي جنهن بعد وارث گووند، ڪشور، اشوڪ ۽ ٻيا جاني دشمن ٿي ويا آهن جيڪي موتمار ڌمڪيون پيا ڏين. ڀان سعيد آباد ۾ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ دلشير شيخ پنهنجي زال ريشمه اوڏ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن 5 نومبر تي اسلام قبول ڪيو ۽ 7 نومبر تي دلشير سان پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن بعد مائٽ اغوا ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. قاسم آباد جي ڏومرا ڳوٺ جي رهواسي باگڙي ڌر جي عورتن ۽ مردن گهر تي حملي ۽ نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي روپ چند باگڙي ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن اڳ سندن غيرموجودگي ۾ 2 نامعلوم ماڻهو سندن گهوڙا گرائونڊ ۾ قائم گهر ۾ داخل ٿيا جتي انهن 12 ورهين جي نينگري حنا سان مبينا طور زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي نينگري مزاحمت ڪندي رڙيون ڪيون ته اڻڄاتل ماڻهو فرار ٿي ويا. هنن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن لڇمي ۽ نصيبو باگڙي جي چرچ تي نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي. ڀٽائي نگر پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ سمال انڊسٽريز ڪاپوريشن ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ملازمن شاهنواز چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ته  2016ع کان ملازمن کي اپگريڊ نه ٿو ڪيو وڃي جي پگهارن مان ڪٽوٽي پڻ ڪئي پئي وڃي. ملازمن جي اسٽيٽ لائيف ۽ انشورنس پاليسي پڻ ختم ڪئي وئي آهي جيڪو عمل ملازمن سان ناانصافي آهي.