اسلام آباد: حڪومت سڄي ملڪ ۾ بند روڊ کولرائڻ لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي معاملن بابت وزير ، چيف ڪمشنر ، آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانون ٽوڙيندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ روڊ کولرائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جتي حالتون خراب ٿينديون اتي موبائل انٽرنيٽ سروس 24 ڪلاڪن لاءِ بند ڪئي ويندي.