ڏهرڪي ۾ هڪ وڏي خانگي اسڪول 12 استادن کي پگهارون گهرڻ تان برطرف ڪري ڇڏيو، استادن پاران اسڪول انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويو. استادن جو چوڻ هو ته کين لاڪ ڊائون واريون ڇهه مهينن جون پگهارون گهرڻ جي ڏوهه ۾ برطرف ڪيو ويو . هنن جو چوڻ هو ته اسان کي لاڪ ڊائون جون پگهارون نه پئي ڏنيون ويون، ٻارڙن کان فيس به وصول ڪئي ويئي، پگهارون گهرڻ تي پرنسيپل مڇرجي پيو ۽ اسان کي اسڪول کان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. برطرف ٿيل استادن باسط سومرو، الطاف ڀيو، لياقت سومرو، اسرار مهر، سعد الله کونهارو، شهزاد سومرو، آزاد سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. استادن سان گڏ يڪجهتي طور خانگي اسڪولن جا استاد توڙي سياسي سماجي اڳواڻ به شامل هئا. ٻئي پاسي اسڪول جي پرنسپل جو موقف هو ته اسان اڌ پگهارون ڏيڻ لاءِ راضي آھيون پر استاد اسان کي بليڪ ميل ڪري اوچتو ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا.