ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه پيو ٿئي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
162
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي

سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان راتون رات انقلاب آڻيندا آهيون، وزيراعظم پنهنجي صوابديد تي ٻه پلاٽ الاٽ ڪري ٿو، وزيراعظم ڪير ٿيندو آهي پلاٽ ڏيڻ وارو ؟

معزز جج وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ جو ڪو اصول ناهي، اسان اخبارن ۾ پڙهيو ته 2 پلاٽ سيڪريٽري کي ڏنا ويا، اسان جي ملڪ ۾ رڳو وڏن ماڻهن کي پلاٽ ملن ٿا، غريبن کي نه

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جنرل باجوه وقت تي رٽائرڊ ٿي ويندو، فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر