نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

0
194

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افواهن جي بنياد تي بي بنياد سازشون ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، فوجي اڏن جو ڪنھن سطح تي مطالبو نھ ڪيو ويو، فوج کي سياست ۾ نه گھليو، اها مهم نه اڳ ڪامياب ٿي ۽ نه هاڻي ڪامياب ٿيندي، اسان جو انٽيليجنس ايجنسيون ڌمڪين خلاف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهن

قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي، اتي ڇا ڳالهه ٻولهه ٿي ان بابت وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي بقا صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ آهي ۽ ان جو دفاع انفرادي ۽ اجتماعي طور تي سڀني جو فرض آهي ۽ جمهوريت ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندي، انشاالله پاڪستان ۾ مارشل لا ڪڏهن به نه ايندي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف طبيعت ٺيڪ نه هجڻ سبب وزيراعظم جي حلف برداري ۾ نه ويو: ڊي جي آءِ ايس پي آر