آرمي چيف طبيعت ٺيڪ نه هجڻ سبب وزيراعظم جي حلف برداري ۾ نه ويو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

0
241
پاڪ فوج سياست کان پري ٿي چڪي
=

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر آرمي چيف جي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي وضاحت ڪري ڇڏي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافي ڊي جي آءِ ايس پي آر کان سوال ڪيو ته آرمي چيف وزيراعظم جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي هئي

صحافي جي سوال تي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ان ڏينهن آرمي چيف جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ هو ان ڏينهن آفيس به نه آيو هو. واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي هئي

نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل بابر افتخار  چيو تهافواهن جي بنياد تي بي بنياد سازشون ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، فوج کي سياست ۾ نه گھليو، اها مهم نه اڳ ڪامياب ٿي ۽ نه هاڻي ڪامياب ٿيندي، اسان جو انٽيليجنس ايجنسيون ڌمڪين خلاف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهن

قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي، اتي ڇا ڳالهه ٻولهه ٿي ان بابت وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي بقا صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ آهي ۽ ان جو دفاع انفرادي ۽ اجتماعي طور تي سڀني جو فرض آهي ۽ جمهوريت ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندي، انشاالله پاڪستان ۾ مارشل لا ڪڏهن به نه ايندي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جنرل باجوه وقت تي رٽائرڊ ٿي ويندو، فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر