ملير: پابندي پيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

0
416

ملي (ن پ ا) ملير ۾ پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان باجوڙ گروپ جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب دهشتگرد عثمان غني افغانستان مان تربيت ورتي هئي، هو فيس بُڪ ذريعي ساٿي دهشتگردن سان رابطن ۾ هوندو هو، جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ب ملوث آهي، پوليس موجب 2020 ۾ گرفتار ڪيل دهشتگرد بجرب الله عرف مجلس عرف جٽ کي ڪراچي ۾ وڏي رقم ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کائنس وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد چيو آهي ته آپريشن دوران عثمان غني عرف عرفان سميت 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو آهي.