گمبٽ ڀرسان پراڻي تڪرار تان عورت سوڌو 2 ڄڻا قتل

0
285

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجهو ڳوٺ لڙهي اڄڻ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وزير اڄڻ ۽ راحت خاتون مارجي ويا ۽ نعمت خاتون سخت زخمي ٿي پئي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ناريجا برادري جي هڪ ڌر سان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي، جن اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، واقعي بابت پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي.