ڳالهين جو پهريون دور مڪمل، اميد آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان مامرا طئي ٿي ويندا: شيخ رشيد

0
533

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سان ڳالهين جو پهريون دور ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو، ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٻيهر ٿيندو، اميد آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان سمورا مامرا طئي ٿي ويندا، پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي پاران يرغمالي بڻيل 11 پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، پوليس به پوئتي هٽي وئي ۽ پاندي مڙهيل تنظيم جا ماڻهو به وڃي چڪا آهن، هن چيو آهي ته 192 ناڪن ۾ هڪ ناڪو رهجي ويو هو جنهن ۾ بهتري اچي وئي آهي، ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پنجاب حڪومت جو اهم ڪردار آهي، ٻئي طرف پابندي مڙهيل تنظيم جي سربراهه سعد رضوي هڪ پيغام جاري ڪيو ته ڪارڪن لاهور ۾ مسجد رحمت اللعالمين جي سامهون لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڪارڪن پر امن طور تي واپس گهر موٽي وڃن ۽ 20 اپريل جي هڙتال جي ڪال واپس ورتي وڃي، شوريٰ ميمبرز پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن.