جيڪب آباد: ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مليحه سومرو تي حملي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ واري ڳالهه ۾ صداقت ناهي ڇو ته مليحه سومرو تي حملي واري مامري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، مليحه سومرو پاڻ 6 ڪلاڪن تائين ٿاڻي تي ويٺل رهي وڪيلن جو ٽيم گهرائي صلاح مشوري بعد واپس رواني ٿي وئي آهي، هن چيو ته مليحه سومرو تي حملو ٿيو جيڪو سمپل ڪيس آهي جنهن ۾ موت مار ڌمڪين جا قلم شامل ڪيا ويندا پر اهي پاڻ ڪيس داخل ڪرائڻ نه ٿا چاهين.