جيڪب آباد:ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي سئوٽ ولي خان جکراڻي رابطو ڪرڻ تي مليحه سومرو جي گاڏي جي اڳ وٺڻ واري ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آئون گاڏي تي وڃي رهيو هئس ته منهنجي اڳيان جيڪا گاڏي وڃي رهي هئي اها بار بار مون کي اوور ٽيڪ ڪري رهي هئي مون ان گاڏي جو اڳ وٺي پڇا ڪئي ته مون کي ڇو اوور ٽيڪ ڪري رهيا آهيو جنهن معاملي تي ٿوري گهڻي منهن ماري ٿي آهي باقي مان گاڏي جا شيشا نه ٽوڙيا آهن نه ئي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ارسلان ميمڻ يا وري مليحه سومرو کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي هن چيو ته مليحه سومرو اسان جي وڏي آهي ان جي خاندان سان اسان جي وڏن جا بهتر تعلق هئا آئون ان تي حملو ڪيئن ڪري سگهان ٿو.