ملتان ۾ جاويد هاشمي جي گهر تي ڇاپو، ناٺي شاهد بهار هاشمي ۽ ڏهوٽو ملازمن سميت گرفتار

0
71
ملتان ۾ جاويد هاشمي جي گهر تي ڇاپو، ناٺي شاهد بهار هاشمي ۽ ڏهوٽو ملازمن سميت گرفتار
ملتان ۾ جاويد هاشمي جي گهر تي ڇاپو، ناٺي شاهد بهار هاشمي ۽ ڏهوٽو ملازمن سميت گرفتار

ملتان ۾ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي گهر تي پوليس جو ڇاپو، پي ٽي آءِ جو اميدوار ۽ جاويد هاشمي جو ناٺي شاهد بهار هاشمي ۽ ڏهوٽو ملازمن سميت گرفتار ٿي ويا

 جاويد هاشمي چيو آهي ته اڄ منهنجي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جو ورڪرز ڪنونشن رٿيل آهي، ڪنونشن کان اڳ ئي رات جي اونداهي ۾ گهر تي ڇاپو هنيو ويو

جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانسواءِ عورتن تي تشدد به ڪيو، گرفتارين باوجود اڄوڪو رٿيل ڪنونشن هر صورت ۾ ٿيندو، ڪنونشن ۾ شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيندا