عدت دوران نڪاح واري ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ واڌ

0
80

پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت دوران نڪاح واري ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ باني ۽  بشريٰ بي بي جي ڪمپلين خارج ڪرڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

 پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت آڏو پيش نه ٿي سگهيو، معاون وڪيل پاران ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا

 بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي وڪيل  راجا رضوان عباسي استدعا ڪئي ته عدالت جو ڪيس تي اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي، اهڙا رليف وٺڻ بعد ڪير به عدالت نه ٿو اچي

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ائين نه چئو، هنن جي طرفان 3-3 وڪيل موجود آهن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

مخالفن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺن، 80 سيڪڙو فوج مون سان گڏ آهي: عمران خان