مخالفن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺن، 80 سيڪڙو فوج مون سان گڏ آهي: عمران خان

0
63
مخالفن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺن، 80 سيڪڙو فوج مون سان گڏ آهي: عمران خان
مخالفن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺن، 80 سيڪڙو فوج مون سان گڏ آهي: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته 80 سيڪڙو مون سان گڏ آهي، اهي جيڪو ڪن ڀلي ڪري وٺن،  9 مئي سانحي تي نگران وفاقي حڪومت جي نگراني ۾ جاچ کي نٿو مڃان، ڪا به آزاداڻي جاچ ناهي ٿي رهي،  عوام پنهنجي  ڪاوڙ 8 فيبروري تي ڪڍندو

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته نگران سرڪار، اسٽبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن پاڻ ۾ مليل آهن، جيستائين جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٻين ٺڪاڻن جي سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ڪندڙن کي نٿو پڪڙيو وڃي حقيقتون سامهون نه ٿيون اچي سگهن

جنهن به باهيون ڏنيون آهن انهن کي پڪڙيو وڃي ته اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. عمران خان وڌيڪ چيو ته  80 سيڪڙو فوج گڏ آهي، اهي جيڪو ڪن ڀلي ڪري وٺن، چونڊ نشان واپس ورتو وڃي پي ٽي آءِ کي هارائي نٿو سگهجي، اهڙي پري پول ڌانڌلي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي، اهي پي ٽي آءِ کي فيلڊ نٿا ڏين. منهنجيون عوام مان وڏيون اميدون آهن 8 فيبروري تي اصل خبر پئجي ويندي

عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجي هڪ ئي ڊيل آهي اها صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايو ۽ جمهوريت آڻيو، قلم 144 منهنجي بيان کانپوءِ لڳايو ويو آهي، نواز شريف جي جلسن ۾ ته ڪو به نٿو اچي ان جي جلسن ۾ پي ٽي آءِ جا نعرا لڳي رهيا آهن

  پي ٽي آءِ باني اميدوارن لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته سڀ تيار رهو هي جنهن اميدوار کي پڪڙيندا اسان ان جي جاءِ ڪنهن ٻئي اميدوار کي بيهارينداسين

هي عوام کان ڊنل آهن اسان جي اميدوارن کي منهنجي تصوير لڳائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، ايتري تائين جو اميدوارن قيدي نمبر 804 لکڻ جي به اجازت ناهي