مقصودو رند ن پ ا مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم پاران ھر سال ٿيندڙ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح اڄ ٿيندو ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ شير خان ٽالپر اليون ۽ ملا حرمت اليون وچ ۾ ٿيندو ٽورنامينٽ جو افتتاح درگاھ سخي سلطان فقير لاشاري جو گادي نشين راضي فقير لاشاري، سالم شير رند ، الطاف حسين رند ۽ چيئرمين علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم حاجي راحب علي رند ڪندا ان حوالي سان علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جو چوڻ هو ته ھي ٽورنامينٽ جشن آزادي جي حوالي سان ھر سال ٿيندو آهي