ميڊرڊ(اسپورٽس نيوز) يوروپا فٽبال ڪپ ۾ اپ سيٽ:ولاريال مانچسٽر يونائٽڊ کي هارائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مئچ شروع ٿيندي ئي ٻنهي ٽيمن هڪ ٻئي تي زبردست حملا ڪري ڏنا، مئچ جي 29 هين منٽ تي ولاريال جي جيراڊ مورينو گول ڪيو جنهن کي 59 هين منٽ تي يونائٽڊ جي ڪاواني گول ڪري برابر ڪيو، مئچ هڪ هڪ گول جي برابري تي ختم ٿيڻ بعد پينالٽي شوٽ آئوٽ ٿيو، جنهن ۾ به انتهائي سخت مقابلو ٿيو، ولاريال 10 جي مقابلي ۾ 11 گول ڪري ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. ولاريال جي فتح تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن ته مئچ جي پڄاڻي بعد اسٽيڊيم ٻاهران جشن ملهايو ويو.