ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل اين اي 249 جا نتيجا چيلنج ڪري ڇڏيا، ووٽن جي فارنزڪ ڊٽ ۽ ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي، ليگي اميدوار ريٽرننگ آفيسر کي لکت ۾ 3 درخواستون ڏئي ڇڏيون، مفتاح اسماعيل اليڪشن ڪميشن کان چونڊ جا تفصيل به گهري ورتا ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ووٽن جي آڱوٺن جي نشانن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي، 15 پولنگ اسٽيشنز جي فارنزڪ آڊٽ ڪئي وڃي، هن درخواست ۾ چيو آهي ته اين اي 249 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ليگي اميدوار الزام هڻندي چيو ته پيپلزپارٽي تڪ ۾ راش ۽ پيسا ورهايا، روڊ ٺهرايا، جيڪڏهن هو ايترا پراعتماد آهن ته جاچ ٿيڻ ڏين، ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ويا آهيون.