معيشت کي سڌارڻ لاءِ غير معمولي اُپائن جي ضرورت

0
379
سنڌ جو ٻڏي ويل آئيندو

17 آڪٽوبر تي ڊان اخبار ۾ ڇپيل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس  هڪ خبر موجب هلندڙ مالي سال 22-2021ع جي پهرين ٽه ماهي (جولاءِ-آڪٽوبر) ۾ تيل جي درآمد تي خرچ گذريل سال جي ساڳين مهينن جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿيو آهي.

گذريل سال جي 2.32 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ هن سال پهرين ٽن مهينن ۾ تيل جي درآمد تي 4.59 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ پيٽروليم جي درآمد جي مقدار ۾ رڳو 10.83 سيڪڙو واڌ ٿي آهي پر عالمي پڙي ۾ اگهن ۾ واڌ سبب درآمد بل ٻيڻو ٿي چڪو آهي.

                 درآمد تي ٻيو وڏو خرچ کاڌ خوراڪ جي شين تي ٿيو آهي ان مد ۾ خرچ ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پهرين ٽه ماهي ۾ ان مد ۾ گذريل سال جي 1.7 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 2.36 ارب ڊالر خرچ ٿيا آهن.

گذريل سال پاڪستان کاڌ خوراڪ جون شيون ٻاهران گهرائڻ تي 8 ارب ڊالر خرچ ڪيا هئا، هن وقت پاڪستان ڪڻڪ،کنڊ، کاڄرو تيل، داليون، مصالحه ۽ چانهن ٻاهران گهرائي ٿو. ياد رهي ته پاڪستان هن وقت ڪڻڪ اُپائيندڙ ملڪن ۾ اٺون نمبر وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي پر ڪڻڪ جي غير قانوني اسمگلنگ جي نتيجي ۾ هاڻي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور آهي، ساڳي طرح پاڪستان دنيا ۾ کنڊ پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ نائين نمبر تي آهي پر کنڊ به ٻاهران گهرائي ٿو.

پاڪستان جي دعويٰ آهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو ڳانڍاپيل آبپاشي نظام اسان وٽ آهي پر اسان جي في ايڪڙ پيداوار ٻين ملڪن کان گهڻي گهٽ آهي، چين ۾ في ايڪڙ ڪڻڪ جي پيداوار 6 ٽن، هندوستان جي 4 ٽن ۽ پاڪستان جي 3 ٽن آهي، ان جو ڪارڻ مدي خارج زرعي پيداواري طريقا آهن، پاڪستان نه رڳو هندوستان سان همسري ڪري ته به ان وٽ 25 سيڪڙو وڌيڪ ڪڻڪ اُپائڻ جي گنجائش آهي.

هلندڙ سال پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هن سال 28.75 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي آهي. پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي ڪاٿي موجب پاڪستان ۾ في ماڻهو ساليانو 125 ڪلو گرام ڪڻڪ گهربل هوندي آهي. 22 ڪروڙ آبادي جي حساب سان پيدا ٿيل ڪڻڪ ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي ها ۽ اٽي جي اگهه ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي ها.

هڪ ڪاٿي موجب پاڪستان مان ساليانو ٽي لک ٽن ڪڻڪ افغانستان ڏانهن اسمگل ڪئي وڃي ٿي. ان کانسواءِ سرڪاري طور تي 14 لک افغان ۽ غير سرڪاري طور 30 کان 40 لک غير قانوني پرڏيهي به ڪڻڪ استعمال ڪن ٿا، جيڪي آبادي جي انگن ۾ ظاهر نه ٿا ٿين. ان سڄي صورتحال جو نتيجو ملڪ ۾ اها ڳاٽِي ٽُوڙ مهانگائي آهي، جنهن سڄي ملڪ جي رهواسين لاءِ زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي.

جيئن ته ملڪ جي معيشت جا بنياد لڏي چڪا آهن ۽ پرڏيهي ڪاروبار ۾ گهاٽو سنڀالڻ کان چڙهي ويو آهي، ان صورتحال جي سنگيني کي هنگامي نوعيت جا حل گهرجن. آمدني  ۽ روانگي واپار جو گهاٽو، ڳرا قرض۽ توانائيءَ جي اگهن ۾ واڌ ملڪي معيشٽ لاءِ سڀ کان وڏا چئلينجز آهن. هاڻي جڏهن حڪومت پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان سخت شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ۽ بجلي جا اگهه هڪدم آسمان تي پهچائي ڇڏيا آهن.

اهو به چيو پيو وڃي ته سيلز ٽيڪس جي جن به اسمن تي ڇوٽ آهي ان کي به ختم ڪيو ويندو، ايئن ٿيو ته ٻيا عوامي واهپي جا اسم به مهانگا ٿي ويندا.

ملڪ معيشت جا سمورا اهڃاڻ زوال جي خطرناڪ ليڪ کان هيٺ وڃي رهيا آهن، ان غير معمولي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ غير معمولي سياسي فيصلا ڪرڻ ۽ حڪمت عمليون جوڙڻ جي ضڙورت آهي. هن وقت ملڪ ۾ جيڪا به حڪومت اچي ٿي،

اها پنجن سالن جي عرصي ۾ هلندڙ معاشِي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، مخالف جي ڌر دٻاءُ ۽ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي فرمائشن کي پورو ۾ وقت گذاري ٿي ڇڏي. حڪومتن وٽ معيشت سان لاڳاپيل ڊگهي مدي وارن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ معيشت جا بنياد ٺيڪ ڪرڻ جي مهلت ئي نه ٿي رهي. ايئن ايڊهاڪ حل ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ هر حڪومت معاشي معاملن کي وڌيڪ منجهيل حالتن ۾ ڇڏي ٿي وڃي،

هر حڪومت گذريل قرض لاهڻ ۽ امدادي ادارن کان قرض وٺڻ جو سلسلو جاري رکي ٿي. هر حڪومت معاشي گهوٽالي جو ذميوار ماضي جي حڪومتن کي قرار ڏئي وقت گذاري ٿي. ايئن معيشت جو منجهيل سٽ وڌيڪ منجهي ٿو وڃي.

ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته پنجن کان ڏهن سالن لاءِ ملڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽيز تي ٻڌل قومي حڪومت جوڙي وڃي، جنهن ۾ ڪابه مخالف ڌر نه هجي، ان حڪومت کي واحد ٽاسڪ ملڪي معيشت جا بنياد ٺيڪ ڪرڻ ۽ ان کي سڌي راهه تي آڻڻ هجڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ ان حڪومت وٽ سڄي دنيا جي معاشي ماهرن توڙي معيشت سان لاڳاپيل مختلف شعبن جي ماهرن جون خدمتون موجود هجڻ گهرجن،

ان حڪومت جي ٽارگيٽ ۾ روانگي واپار کي وڌائڻ، آمدني واپار کي گهٽائڻ، ٽئڪس نظام سڌارڻ، غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ غير ضروري غير پيداواري خرچ گهٽائڻ ۽ روزگار جا وسيلا وڌائڻ جهڙا ٽاسڪ هجڻ گهرجن.

پنجن کان ڏهن سالن اندر ان قومي حڪومت کي معاشي معاملا سڌا ڪرڻ لاءِ وقت ۽ وسيلا مهيا هجڻ گهرجن. اها حڪومت معيشت کي سڌو ڪرڻ لاءِ عوام جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کانسواءِ اهي سمورا سخت فيصلا ڪري، جنهن سان معيشت جا بنياد ٺيڪ ٿي سگهن، ان قسم جي ڊگهي مدي وارن اپائن کانسواءِ ملڪي معيشت کي لڳل مرض ختم نه ٿي سگهندا،

پاڪستان جي ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ معيشت جا معاملا سڌا ڪرڻ انتهائي ضروري آهن. ان کان اڳ جو ملڪ ڪنهن وڏي انارڪي جي ور چڙهي وڃي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ اڻٽر ضرورت آهي.