اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪورٽ ۾ ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس کٽي ويو

0
346
سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪورٽ ۾ ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس کٽي ويو، اسحاق ڊار اين وي ٽي وي خلاف لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ ساکي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي

ٽي وي تي هڪ پروگرام ۾ اسحاق ڊار تي مني لانڊرنگ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام هنيا ويا هئا، پاڪستاني نجي ٽي وي چئنل جو مواد هلائيندڙ برطانوي ڪمپني نيو ويزن ٽي وي اسحاق ڊار کان لکت ۾ معافي وٺي ڇڏي

معافي نامي ۾ ٽي وي چئنل اعتراف ڪيو ته 8 جولاءِ 2019ع تي پروگرام ۾ اسحاق ڊار مٿان لڳايل الزام بي بنياد هئا.

ھي به پڙھندا

ذلفي بخاري ڪيس کٽي ويو: ريحام خان کي 50 ھزار پائونڊ ھرجاڻو ڀريندي