نيويارڪ(دلچسپ نيوز) معذوري باوجود عورت مثالي ماءُ بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست نيويارڪ جي بيٺني هملٽن هڪ ٻانهن کان معذور هجڻ باوجود دنيا ۾ مثالي ماءُ جو مثال بڻجي وئي آهي، معذوري باوجود عورت هڪ هٿ سان ٻارن جي ڀرپور سنڀال ڪري رهي آهي، بيٺني هملٽن جي هڪ معصوم ٻارري پڻ آهي پر هو پنهنجي ان معصوم ٻارڙي جي کاڌ خوراڪ سميت صحت جو خيال به رکي ٿي. ان حوالي سان بيٺني هملٽن جو چوڻ هو ته ٻارڙن جا ڊائپر پنهنجي پيرن جي مدد سان تبديل ڪندي آهيان. هن ٻڌايو ته 2003 ۾ 13 ورهين جي هيس ته شارڪ حملوڪري ٻانهن کائي وئي هئي جنهن بعد ڪيترو ئي علاج ڪرايو پر ٻانهن ٺيڪ نه ٿي سگهي ۽ ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ان کي ڪٽي ڇڏيو. هن چيو ته وڏي تڪليف ڏٺي آهي پر ان جي باوجود اڄ تائين همت نه هاري آهي.ئ ٻئي طرف 31 ورهين جي بيٺني هملٽن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين پاران سندس همت جي واکاڻ ڪئي وڃي ڪيترن ئي صارفين بيٺني هملٽن کي سپر ماءُ جي خطاب سان پڻ نوازي ڇڏيو آهي.