ميڪسيڪو(دلچسپ نيوز) ميڪسيڪو ۾ هٿ آيل ڊائنو سار تي تحقيق مڪمل ٿي وئي، ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو ڍانچو 7 ڪروڙ سال پراڻو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آثار قديمه جي ماهرن کي 8 سال اڳ ڊائنو سار جو ڍانچو هٿ آيو هو، ميڪسيڪن ليباريٽري ۾ ڊائنوسار جي ان ڍانچي تي تحقيق ڪئي وئي جيڪا هاڻي مڪمل ٿي وئي آهي ان حوالي سان سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڊائنو سار جي ڍانچي تي تحقيق مڪمل ٿي وئي آهي،ڍانچو 7 ڪروڙ سال پراڻو آهي جڏهن ته ڊائنوسارجي ڊيگهه 4.3 فوٽ آهي ۽ سندس چمڙي رنگين رهي هوندي. سائنسدانن موجب اهو ڊائنو سارجو نئون قسم آهي جنهن کي ٽيلا ٽولوفس جو نالو ڏنو ويو آهي.