نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ سال اڳ فوت ٿي ويل پينو فقير جي گهر مان لکين رپيا برآمد ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب رياست انڌرا پرديش ۾ سال اڳ هڪ پينو فقير شريني واساشري ڊگهي عرصي واري بيماري بعد فوت ٿي ويو هو، تريمولا تريوپتي ڊيواستانم نالي اين جي گهر جي تلاشي ورتي ته هڪ هڪ هزار وارا 22 لک رپين جا نوٽ برآمد ٿيا، اين جي او طرفان پينو فقيرکي 2007 ۾ رهڻ لاءِ اهو گهر ڏنو ويو هو، جٿي هو پنهنجي جمع پونجي لڪائي رکندو هو. اين جي او جي ڪو آرڊينيٽر جو چوڻ آهي ته گهر ۾ 2 پينو فقير رهندا هئا ۽ انهن اها رقم ٻن پيتين ۾ لڪائي رکي هئي، شڪ پوڻ تي تلاشي ورتي ته هزار هزار جا نوٽ هٿ آيا، جن جي ماليت 10 لک رپيا(پاڪستاني 22 لک رپيا) هئي. اين جي او هٿ آيل رقم پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي واضح رهي ته اهو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ انڌرا پرديش ۾ 2019 دوران به بشير صاحب نالي هڪ پينو فقير جي گهرمان 3 لک هٿ آيا هئا.