معاشي بعد سياسي ڏيوالي جو خطرو

0
329
معاشي بعد سياسي ڏيوالي جو خطرو

 آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو پهريون ٽيڪنيڪي مرحلو پورو ٿي چڪو آهي جنهن۾ بينڪ پنهنجن مطالبن کان پاڪستاني وفد کي آگاھه ڪري ڇڏيو آهي. اهي مطالبا ڪي نوان ناهن. انهن مطالبن تي عمل جو نتيجو مها مهانگائي جي صورت ۾ نظر ايندو پيو وڃي جنهن سان سياست ۽ سماج گهڻو متاثر ٿي رهيا آهن. پيٽرول ۽ ڊالر 300 رپين تي پهچندي نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڪڪڙ جا بيضا اڳي ئي 300 رپيا في درجن تي پهچي چڪا آهن. پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب ان جي خريد ۽ فروخت ۾ جيتوڻيڪ 20 سيڪڙو ڪمي آئي آهي تنهن هوندي به ڊالر جا ذخيرا گهٽجڻ ڪري ليٽر آف ڪريڊٽ کلڻ ۾ ڏکيائين سبب، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قلت جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي. جي ڊيزل توڙي پيٽرول جي قلت پيدا ٿيندي ته ٽرانسپورٽ جي گهٽجڻ سبب ماڻهن، جانورن ۽ شين جي چرپر به گهٽجي ويندي جنهن سبب هڪڙي پاسي پيداوارجي جڳھه تي شيون خراب ٿينديون ته ٻئي پاسي جتي انهن جي ضرورت آهي اتي قلت پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ايئن آهستي آهستي پاڪستان سريلنڪا، لبنان، ارجنٽائين ۽ ٻين ڏيوالو ڪڍندڙ ملڪن جي لسٽ ڏانهن سرندو پيو وڃي.

معاشي ڏيوالي جي صورت ۾ عام زندگي تي ڪهڙو اثر پوندو تنهن جو اندازولبنان ۽ ٻين ڏيوالو ڪڍندڙ ملڪن جي صوتحال مان لڳائي سگهجي ٿو. لبنان ۾ ڏيوالو نڪرڻ سبب لبناني ڪرنسي پائونڊ جو سرڪاري ملھه جيڪو بحران کان پهريائين هڪ آميريڪي ڊالر ۾ 1,500 برابر هو سو هاڻي سرڪاري طور لهي 15,000 لبناني پائونڊن تي پهچي چڪو آهي جڏهن ته بليڪ مارڪيٽ ۾ان جو ملھه 60,000 برابر آهي. ماڻهن جي ڊالر اڪائونٽ کي فريز ڪيو ويو آهي۽ هاڻي هو ان مان لبناني پائونڊ ۾ سرڪاري اگھه تي پيسا ڪڍرائي سگهن ٿا. لبناني ڏيوالي سبب سڀ کان پهريائين گاڏين ۾ پيٽرول جي اڻاٺ ڪري ڊگهيون قطارون لڳي ويون هيون ۽ شين جي چرپر مهانگي ٿيڻ ڪري اهي مهانگيون ٿي ويون هيون ته ٻئي طرف ڊيزل جي قلت ڪري لوڊشيڊنگ سبب بجلي روزانو فقط ٻه ڪلاڪ هلي رهي آهي. ماڻهو ماني وٺڻ ۾ پورا آهن. بيروزگاري چوٽ تي چڙهيل آهي. مهانگائي سال ۾ 142 سيڪڙو وڌي چڪي آهي. مهانگائي جو اندزو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ ڪڪڙ جي بيضن جي اگھه جي مقابلي ۾ بيروت ۾ بيضا ٽيڻ تي آهن. مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب 80 سيڪڙو ماڻهو غريب ٿي چڪا آهن. عام طور لبناني پائونڊ بدران آميريڪي ڊالر ۾ ڪاروبار هلي رهيو آهي، جنهن ڪري گهٽي گهٽي ۾ هوٽلن، چائي خانن ۽ ڪرياني جي دڪانن تي به بليڪ تي ڊالرن جي خريد فروخت جاري آهي. ساڳيو حال سريلنڪا جو آهي جتي رپيو جيڪو ڏيوالي کان پھريان ئي ھڪ ڊالر ۾ 200 رپين برابر ھو سو ڏيوالي بعد لھي سرڪاري طور 370 ۽ بليڪ مارڪيٽ ۾ 510 سريلنڪن رپين برابر آهي ۽ مهانگائي سال ۾ 60 سيڪڙو وڌي چڪي آهي. جڏهن ته ڪڪڙ جا بيضا في درجن 500 سريلنڪن رپين ۾ ملي رهيا آهن جيڪواگھه ڪراچي کان تقريبن ٻيڻو آهي. پيٽرول پمپن تي ڪوٽا موجب پيٽرول وٺڻ لاءِ شروع ۾ قطارن جو نظارو عام هو پر هاڻي ائپ جي مدد سان ان کي منظم ڪيو ويو آهي۽ هرڪو ڏنل وقت تي پهچي پنهنجي ڪوٽا جو تيل وٺي فارغ ٿي وڃي ٿو. تنهن هوندي به سائيڪلن تي سفر جو رواج وڌي ويو آهي. امپورٽ ۾ ڪمي سبب دوائن جي کوٽ آهي ۽ اسپتالن ۾ مريض توڙي ڊاڪٽر ٻئي پريشان آهن.

معاشي ڏيوالي بعد پاڪستان جي صورتحال ۽ زندگي ڪيئن هوندي تنهنجو دارومدارڪيترن ئي جزن تي آهي پر سڀ کان گهمبير جز پاڪستان جي 22 ڪروڙ مها آبادي آهي جڏهن ته سريلنڪا جي سوا ٻه ڪروڙ ۽ لبنان جي فقط 55 لک. ان ڪري پاڪستاني ضرورتون تمام گهڻيون وڌيل آهن. وزيراعظم موجب فقط بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ساليانو 34 ارب ڊالرن جو تيل گهربل آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پرديسين پاران موڪليل ڊالر ان ۾ پورا ٿي وڃن ٿا. ان کان سواءِ 1500ميل ڊگهي افغان سرحد سبب ٻنهي پاسي شين جي قانوني ۽ غيرقانوني چرپر به شين جي موجودگي يا اڻاٺ ۽ ان جي قيمتن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. افغان ٽريڊ سبب شيون اسمگل ٿي واپس پاڪستان پهچنديون رهن ٿيون ۽ خاص طور کاڌي جي شين جي اسمگلنگ سبب انهن جي کوٽ به پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن ڪري پاڪستان ۾ شين جي طلب ۾ واڌ ۽ رسد ۾ ڪمي سبب اگھه مٿي ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح ايران جي 4,200 ميل ڊگهي سرحد پاڪستان سان لڳي ٿي جتان پئٽرول جا روزانو هزارين ٽينڪر اسمگل ٿي ڪراچي ۽ ملڪ جي مختف شهرن ۾ پهچن ٿا جنهن جي راهداري کي محفوظ بنائڻ لاءِ هڪ منظم نظام موجود آهي.تازو لسٻيلي ۾ ڇت تي پيٽرول سان ڀريل ٽينڪ واري بس سان حادثي ڪري 40 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. ڏيوالي جي صورت ۾ اهو نظام وڌيڪ منافع بخش ٿيڻ سان ڪجهھ قدر ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. ايئن سرڪار توڙي امير طبقو ان امڪاني ڏيوالي کان پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو کين يقين آهي ته ڪورونا ۽ ٻوڏ جي زمانن وانگر شين جي کوٽ سبب اهي مهانگيون ته ٿي سگهن ٿيون، پر اڻلڀ هرگز نه!
آءِ ايم ايف جا شرط عام رواجي آهن جن سان گهڻو اثر هيٺين غريب طبقي تي پوندو جنهن سان غربت وڌندي. مک شرطن کي ملڪي نظام ماضي جيان ٿوري وقت بعد باءِ پاس ڪري ڇڏيندو. سرڪاري ملازمن ۽ سندس خاندان جي فردن جي اثاثن کي ظاهر ڪرڻ جو شرط به پراڻو آهي جنهن سان ڪرپشن ۾ ڪا ڪمي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. ڪرپشن، نااهلي، اقربا پروري جون جڙون ملڪي نظام ۾ شروع کان وٺي گهڻيون پراڻيون ۽ مضبوط آهن جيڪي رسمي شرطن سان ختم ناهين ٿيڻيون. ان لاءِ بنيادي سياسي معاشي ۽ نظام ۾ انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون.

آءِ ايم ايف جا شرط معيشت سان گڏوگڏ سياست ۽ سماج کي متاثر ڪري رهيا آهن. پشاور ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ 100 کان وڌيڪ پوليس وارا شهيد ٿي چڪا آهن پر اپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته گلگتي ۽ ڪشميري حڪومت شرڪت نه ڪئي. شهباز شريف جي دعوت تي ايندڙ اڱاري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پڻ پي ٽي آءِ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايئن حڪمران ۽ مخالف پارٽين ۾ مفاصلا وڌندا پيا وڃن. پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽي هفتا اڳ ٽُٽي چڪيون آهن پر اليڪشن ڪميشن اڃان تائين نئين چونڊن جو اعلان نه ڪيو آهي جيڪي آئين موجب هرحال ۾ نوي ڏينهن اندر وچ اپريل تائين ٿيڻيون آهن.قومي اسيمبلي اڳي ئي موڳي ٿي چڪي آهي ۽ سندس مدو به ڇهن مهينن بعد ختم ٿيڻو آهي. وچ مارچ ۾ قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل 33 سيٽن تي پنجن مهينن لاءِ چونڊون پڻ ٿي رهيون آهن. انهن سڀني وچ مدي وارين صوبائي توڙي قومي اسيمبلين جي چونڊن سبب اتحادي حڪومت ۽ ان ۾ شامل پارٽيون تذبذب جو شڪار آهن. کين اعتماد ناهي ته ڪو موجوده پاليسين سبب هو عوام ۾ پذيرائي ماڻي سگهندا ان ڪري سندس سمورو سُر تال اسٽيبلشمينٽ سان هم آهنگ آهي. جيڪو کين عوام کان وڌيڪ پري کڻي ويندو. مالي پاليسي فيصلن ۾ گوٿ ناٿ، اندرين تضادن ڪري نون ليگ پريشان آهي. سندن سابق وزيراعظم ۽ وزير خزانه جي وٿيري ٿيڻ سبب به هو پريشان آهن. ان سياسي خال کي ڀرڻ لاءِ مريم نواز لنڊن مان لاهور ته پهتي آهي پر سندس تقريرن توڙي ماڻهن جي موٽ مان لڳي ٿو ته گذريل اٺن مهينن جي حڪومت دوران هو گهڻو ڪجهھ وڃائي چڪا آهن جن ۾ سندن سڀ کان وڏو نقصان اسٽيبلشمينٽ خلاف سندن بيانيو آهي. عمران خان جارحاڻي پروپئگنڊا سبب پنهنجي حڪومت جي چئن سالن دوران اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور مدد سان مزا به ماڻيندو رهيو ته هاڻي مخالف ڌر ۾ هوندي ان بيانئي تي نه فقط قبضو ڪري چڪو آهي پر هروقت پردي پويان سندن حمايت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيو آهي.

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو ٻيون دور خميس تي ختم ٿيندو. انهن ۾ پاليسي فريم ورڪ بابت ڳالهيون ٿينديون. اهڙي طرح جمعي تائين اندازو ٿي ويندو ته اهواُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي. مافيائون بدستور ڪنهن بنيادي تبديلي بدران ڊالر، پيٽرول ۽ شين جي ذخيره اندوزي ڪري وڌيڪ امير ٿي وينديون.امڪاني طور سخت فيصلن سبب مهانگائي، بيروزگاري، غربت وڌڻ ڪري حڪومت کي سياسي نقصان کڻڻوپوندو. ان صورتحال ۾ پنجن مهينن ۾ اتحادي حڪومت ۽ ان ۾ شامل پارٽيون وڃايل سياسي ميدان واپس وٺي سگهنديون؟ تنهنجو امڪان گهٽ آهي. ان ڪري بهترآهي ته جلد قومي ۽ باقي بچيل صوبائي اسيمبليون ٽوڙي هڪ مهل اپريل جي آخر ۾ سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرايون وڃن. لڳي ٿو ته اتحادي حڪومت کي اها ڪڙي گوري کائڻي ئي پوندي. ٻي صورت ۾ چتين لڳل جمهوريت وڌيڪ ٽاڪن هڻڻ سان ڪمزور ٿي ويندي! جنهن کي بچائڻ ضروري آهي.