تماشگاهه … ڏيپلو جا ميمڻ ۽ پاٽ جا صديقي

0
321
تماشگاهه ... ڏيپلو جا ميمڻ ۽ پاٽ جا صديقي

 سينئر صحافي جي پرڪاش موراڻي جي پٽ پنڪج پرڪاش موراڻي ۽ ڀائٽي جي شادي سندن اباڻي شهر ڏيپلو ۾ 26 جنوري خميس ڏهاڙي هئي. ٿڌي موسم جي باوجود مان لالا رحمان سمون ۽ ساٿين سان گڏ انهن جي گاڏي ۾ چڙهي هليو ويس، ڇو ته مون کي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ کانسواءِ جي پرڪاش جي والد روي شنڪر نٿو رام موراڻي سان ٻي ملاقات جو بيتابي سان شوق هو. شادي رات جي وقت هئي. روي جي گهوٽ جيڪو سندس پوٽو آهي، جي ڀرسان پنهنجي لٺ جهليو ويٺو هو. روي جي ڏيپلي کان علاوه کپرو ۽ ٻين هنڌن تي استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.  وٽس معلومات جو خزانو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن، نامور ڊاڪٽرن، سرڪاري ملازمن وغيره جي باري ۾ جڏهن ڳالهائڻ لڳندو آهي ته بس انسان کيس  ٻڌندو ئي رهي. مان جيئن ته شادي ۾ ويو هيس، اسان شادي جي تقريب ۾ ڳالهائي به رهيا هئاسين پر مهمانن جي منهنجي خيال ۾ بار بار مداخلت مون کي انهن کي ٻڌڻ جو پورو موقعو نه ڏئي رهي هئي. ڪيترن ئي مهمانن جي باري ۾ هو ٻڌائيندو رهيو ته ڪير ڪير ان جو شاگرد رهيو آهي. استاد جي تعظيم جي آداب جي لاءِ ماڻهن ساڻس نهايت محبت سان سندس پير ڇهي جهڪي ڪري ملي رهيا هئا. روي جي ميٽرڪ ڏيپلو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هائي اسڪول مان 1956ع ۾ پاس ڪئي هئي. کيس اڄ تائين سندس سيٽ نمبر 1856 ياد آهي.

ڏيپلو ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڏورانهون علائقو هوندو هو پر رستن جي تعمير ٿرپارڪر جي ڪيترن علائقن جي فاصلن کي گهٽائي ڇڏيو آهي. مان گذريل ٽيهه سالن کان مٺي وڃي رهيو آهيان. ميرپور خاص کان نئون ڪوٽ تائين پهچڻو هوندو هو. پڪو يا ڪچو رستو نه هو. واري تان گذرڻو پوندو هو. رستو هاڻي ته ميرپور خاص هجي يا بدين، بهترين متبادل رستو آهي. بدين رستو پهرين ڪلوئي تائين ئي هو، ڪلوئي کان مٺي تائين واري تي هلڻو (سفر) هوندو هو. طاقتور انجڻ واريون گاڏيون ته ڪجهه ڳڻپ جي ماڻهن وٽ هيون. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ڪم ايندڙ جي ايم سي ٽرڪ جنهن کي مقامي ماڻهو ڪيڪڙو يا ڇڪڙو سڏيندا هئا، ۾ عام ماڻهو ته سامان ۽ جانورن سان گڏ سفر  ڪندا هئا. مٺي کان اسلام ڪوٽ پنجاهه ڪلوميٽر جو سفر ٽيلي فون جي ٿنڀن جي سهاري طئي ڪرڻو پوندو هو. هي ٿنڀا سفر ڪندڙن جي لاءِ رهنما هوندا هئا. رستي ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر جي وچ ۾ ڳوٺ ڏانو ڌاندل ۾ٿڪ لاهڻ ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پيئڻ لاءِ بيهڻو پوندو هو. ننگر پارڪر ايندڙ مهمانن جي خاطر تواضح مٺا رام ڪندو هو. سندس انتقال بعد سندس پٽ گرداري لال ڏانو بدران نگر پارڪر منتقل ٿي ويو. ننگر پارڪر جي لاءِ ٻيهر سفر به ٿنڀن سان گڏوگڏ هلي ڪرڻو پوندو هو. نه رستو هو، نه بجلي. بجلي ته خير اڃا تائين ڪيترن علائقن ۾ ناهي پر سولر پينل ماڻهن جي ان مشڪل کي حل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو حڪمرانن کي حل ڪرڻ کپندو هو.

ڏيپلو پهچڻ لاءِ به ڪجهه سال اڳ تائين واري تان گذرڻو پوندو هو. رستي جي تعمير ته تمام پوءِ جي ڳالهه آهي. مٺي ۽ ڏيپلو وچ ۾ فاصلو 42 ڪلو ميٽر آهي پر واري تان ڏيپلو پهچي شروع ۾ اها ڳالهه حيراني جو سبب هئي ته ايتري ننڍي ڳوٺ جا ماڻهو ايتري قدر تعليم يافته جو سنڌ ۾سرڪاري ملازمن جي اڪثريت جو تعلق ڏيپلو سان ٻڌايو ويندو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي صوبائي سيڪريٽري صحت جو تعلق ڏيپلو سان هو. ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ، ڊاڪٽر صالح ميمڻ وغيره. ڊاڪٽرن جو وڏو انگ سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. جن جو تعلق ڏيپلو سان ئي آهي. هاڻي ته انهن جو تعلق نالي ماتر آهي ته انهن جي وڏن جي گهرن سبب اولادن جا ڊوميسائيل ڏيپلو جا ٺهيل آهن، جنهن سبب انهن کي پيشيوراڻي تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۾ ترجيح ميسر هوندي آهي. ڊوميسائيل جي سهولت به عجيب آهي ته ڊوميسائيل پٺتي پيل علائقي جو ۽ رهائش ۽ تعليم ترقي يافته (نام نهاد) علائقن مان. حيدرآباد ۾ ڏيپلو جي ميمڻ گهراڻن ڏيپلائي ڪالوني قائم ڪئي آهي، جتي انهن جا جديد طرز جا گهر موجود آهن. ڏيپلو کي اڃا اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا هڪ وقت ۾ ضلعي دادو جي علائقي پاٽ کي حاصل هئي. ضلعي دادو جو علائقو پاٽ به تعليم يافته ماڻهن جي پيدائش جو مرڪز هو. سنڌ يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر علامه آئي آئي (امداد علي امام علي ) قاضي جو تعلق پاٽ سان ئي هو.  سندس والد حيدرآباد جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ به رهيو هو. علامه پاڻ به تعليمدان سان گڏوگڏ جج به رهيو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي قيام وقت ڀارت مان هجرت ڪري ايندڙ پٽنه يونيورسٽي مان ڊگري ورتل اي بي اي (ابو بڪر احمد) حليم وائيس چانسيلر هو. جڏهن يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ٿي ته علامه مرحوم وائيس چانسيلر مقرر ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جو هڪ ٻيو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي به پاٽ جو ئي رهائشي هو. پاٽ کان حيدرآباد منتقل ٿيو، تعليم مڪمل ڪئي پوءِ ملازمت جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ هاڻي ته ڪراچي جو ئي شهري آهي. ڪيترن ئي تعليم يافته ماڻهن جو تعلق پاٽ سان آهي. دادو جي مشهور علائقي سيتا روڊ کان اٺ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پاٽ واقع آهي. سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انگريزي جي هڪ زماني ۾ سربراهه امينه خميساڻي به پاٽ جي هئي. امينه جسٽس زيڊ اي چنا جي ڀيڻ هئي. حبيب الله صديقي، سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشيالاجي جي چيئرمين ميڊم تنوير جوڻيجو، اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو چيئرمين آفتاب عالم (اي جي اين) قاضي ۽ ٻيا به ڪيترائي تعليم يافته ماڻهو پاٽ سان تعلق رکن ٿا.

ڏيپلو ۾ هونئن ته ڪيترائي ماڻهو رهائش پذير رهيا ۽ مشهور به ٿيا. ملازمت جي ضرورت وقت ڏيپلو کان حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ٿي ويا. اڪثر ماڻهن پوئتي مڙي ڏيپلو جي مٽي تي پير به نه رکيو. ڪيترن ئي گهراڻن پنهنجا گهر وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ڪجهه ماڻهو اهڙا به نڪتا، جن پنهنجي ڄم جي هنڌ کي ڇڏيو ناهي. ڊاڪٽر شفيع محمد ميمڻ، الله انهن جي عمر وڏي ڪري، اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي. پنهنجي شهرت خاص سبب سڄي علائقي ۾ مشهور آهي. ڊاڪٽر شفيع ڏيپلو جي گهر گهر ۾ سڃاتو ويندڙ نالو آهي. بس ساڻس ضرورت مند جو رابطو ٿي وڃي ته ڊاڪٽر صاحب مريض جي رهائشگاهه تائين پهچي وڃڻ ۾ ڪنهن هٻڪ جو مظاهرو ناهن ڪندا. بقول روي جي، سنڌ جا ٽي ڊاڪٽر پنهنجي خدمتن سبب تمام مشهور هئا. عمرڪوٽ جيڪو ڪڏهن ٿرپارڪر جو حصو هو، پوءِ ميرپور خاص جو حصو بڻايو ويو، بعد ۾ ضلعو بڻجي ويو. ان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آنجهاني هرچند رائي هو. ڊاڪٽر صاحب ڪنهن حيلي وسيلي بنا وقت جي پابندي کانسواءِ مريض کي ڏسڻ لاءِ نڪري پوندو هو. سندس دوا خاني تي آيل ماڻهن کان اڪثر فيس به نه ورتي ويندي هئي. ميرپور خاص جو ڊاڪٽر ڊريگو، آنجهاني ڊاڪٽر جو نالو Drago)  (Dr Hermenegildo Marcos António Francisco Gomes هو. هو ڪيٿولڪ عيسائي هو. هن ڀارت جي مشهور شهر گووا کان پاڪستان هجرت ڪئي هئي ۽ 1933ع ۾ ميرپور خاص ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. سڄي زندگي پٺتي پيل علائقن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۽ خدمت تي وقف ڪري ڇڏي. سندس گهراڻو کيس وڪيل بڻائڻ چاهي پيو پر هو خدمتگار بڻجي ويو. سانگهڙ جو ڊاڪٽر احمد خان احمداڻي به جيڪو مولوي خير محمد احمداڻي شهيد جو پٽ هو، پنهنجي خدمتن سبب شهرت رکندو هو ۽ هر ڇنڇر تي کپرو ۽ سانگهڙ جي مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائيندو هو، جتي مريضن کي بنا معاوضي ڏٺو ويندو هو ۽ دوائون به بنا معاوضي ڏنيون وينديون هيون. ڪير ڳولي ته آڻي انهن ماڻهن کي. انهن ئي ماڻهن جي باري ۾ ته شاعر سرور باره بنڪوي چيو آهي، “جن سان ملي زندگي سان عشق ٿي وڃي، اهي ماڻهو اوهان شايد ڏٺا نه هجن پر اهڙا به آهن” سڀني جون ئي خدمتون پنهنجي پنهنجي جڳهه سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙيون آهن ۽ اڄ جي ڊاڪٽرن کي ويهاري پڙهائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر حضرات، ڪجهه استثنيٰ سان گڏ ڇا ڪري رهيا آهن، تعجب ۽ افسوس ٿيندو آهي. پئسي جي اهميت، ضرورت ضرور اهميت رکي ٿي پر پئسو ئي سڀ ڪجهه ناهي. ڏيپلو ۾ ڊاڪٽر شفيع به ته عزت سان پنهنجو گذارو ڪري رهيو آهي پر ان سان گڏ ڍير دعائن به کٽي رهيو آهي. حيدرآباد جو مشهور ڊاڪٽر محمد حسين لغاري به بي لوث خدمت ڪرڻ جي شهرت رکندو آهي.

ڏيپلو ۾ تعليم جي اهميت ان لاءِ ٿي جو ٿرپارڪر ۾ مٺي (ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر) ۾ پهريون سرڪاري اسڪول قائم ٿيو ته ٻيو ڏيپلو ۾. ان زماني ۾ جيئن روي جي ٻڌايو ته اسڪول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ قائم ڪندا هئا، ڏيپلو ۾ هندو ڪاروباري ماڻهو پنهنجي مستند حيثيت رکندا هئا ان لاءِ اهي اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيا. اسڪول قائم ٿيو ته مسلمان ميمڻ برادري به پنهنجي ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏنو.