القدس(م ڊ) ڪيترا ئي يهودي پوليس ۽ اسرائيلي فورس جي سخت چوڪسي ۾ الاقصيٰ مسجد ۾ داخل ٿي ويا جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڪالهه صبح سوير اسرائيلي پوليس مسجد ۾ نماز پڙهندڙن تي ڪڙڪي پئي ۽ کين مسجد مان ڪڍي ڇڏيو. اهلڪارن نمازين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. 6 مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن ۾ مسجد جو محافظ فادي اليان ۽ اسلامي وقف ڪائونسل جو ملازم علي وضوع به شامل آهم محافظ پوليس تشدد جي فلم ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته پوليس رنڊڪون وجهي ماڻهن جي داخلا روڪي ڇڏي.