ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق چيو ته جن مسلمان ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي اهي فوري طور تي پنهنجو فيصلو واپس وٺن ۽ غزه جي بحالي لاءِ عالمي فنڊ قائم ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي “فلسطين مارچ” ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شريڪ ٿي فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مارچ ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت شهري ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪن عورتن پاران پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسلامي مُلڪن جي گڏيل فوج قبلهِ اول جي حفاظت لاءِ داخل ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته حڪومت ڀارت سان ڳجھو ٺاھ ڪري رهي آهي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ حڪمرانن جو گھيراءُ ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس چيو آهي ته اسلامي ملڪن جو اجلاس سڏايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطين سان هميشه گڏ بيهنداسين. ڪشمير معاملي تي به ڪا سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو غيرتمند حڪمران هجي ها ته اسرائيل ۽ ڀارت خلاف جرتمند موقف اختيار ڪري ها. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جو مارچ جهاد ۽ جدوجهد جو مارچ آهي، اسان فلسطين جي قيادت کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن جا شهيد اسان جا شهيد آهن فلسطينين جي خون جو بدلو وٺنداسين. ٿيڻ ائين گھرجي ها ته اسان جا حڪمران به اسان سان گڏ بيهن ها. هن چيو ته مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته حڪمرانن ڪشمير به ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، اهڙن حڪمرانن مان ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پوري دنيا ۾ دهشتگردي ڪئي آهي. ناڪا ساگي تي ايٽم بم اڇلايو ويو ۽ اڄ اسرائيل جي حمايت ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته مارچ ۾ حافظ نعيم الرحمان، اسماه رضي، يونس سوهن ايڊوڪيٽ، غلام محمد قراروي، نعيم قريشي ايڊوڪيٽ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.