مرزاپور ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

0
186

مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ مليو آهي، ڳوٺ ڳاهيجا واسي شادي شده نوجوان اقرار پٽ محمد جمن چنو گهرو پريشانين ۽ بيماري کان تنگ اچي وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي پوليس ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو، ,اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهتا، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان بيروزگار هو ۽ بيماري سبب ڪافي پريشان رهندو هو جنهن تي هن پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري ڪري رهيا آهيون.