جسٽس جمال خان مندوخيل سپريم ڪورٽ جي جج جو حلف کڻي ورتو

0
252

اسلام آباد (م ڊ) جسٽس جمال خان مندوخيل سپريم ڪورٽ جي جج جو حلف کڻي ورتو، جسٽس جمال مندوخيل جي حلف برداري تقريب ۾ ججز، وڪيلن، لا آفيسرز ۽ عدالتي اسٽاف شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جسٽس جمال خان مندوخيل کان حلف ورتو، جسٽس جمال خان مندوخيل جي حلف کڻڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي تعداد 16 ٿي وئي.