مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ويجهو ڳوٺ واحد بخش دائود پوٽو مان 4 سال اڳ اغوا ٿيل ٻن ماروٽ پڦاٽ نارين سعديه دائود پوٽو ۽ ڪلثوم عرف منگلي دائودپوٽو کي پوليس 4 ڏينهن اڳ ڄامشورو مان بازياب ڪرائي ورتو هو، پوليس موجب نارين کي 27 اپريل تي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس پاران نارين کي اڃا تائين وارثن سان ملڻ نه ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان نارين جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي ايس ايڇ او ڳاهيجا تي جاچ دوران مغوي نارين جي والدين سميت ٻين مائٽ عورتن تي تشدد جا الزام هنيا آهن، ان حوالي سان صلاح الدين دائودپوٽو، سليم، مجيب، محمد عالم، حسين بخش، حضور بخش، عبدالواحد، عبدالمالڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 4 سال اڳ مڱريا برادري جي هٿياربندن اسان جي ٻن نابالغ نياڻين کي اغوا ڪيو، جنهن جو مڱريا برادري جي 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن بعد اسان نارين جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ سميت لاڳاپيل ٻين ادارن ۾ درخواستون داخل ڪيون، سپريم ڪورٽ 4 سالن بعد نوٽيس وٺندي 2 مهينا اڳ لاڙڪاڻو پوليس کي ڇوڪريون بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪري ان جي نشاندهي تي 2 نارين کي بازياب ڪرايو، هنن الزام هنيو ته عدالتي حڪم بعد ايس ايڇ او جوابدارن کي بچائڻ لاءِ اسان جي عورتن کي گرفتار ڪري 15 ڏينهن تائين وحشياڻو تشدد ڪيو، ايس ايچ او ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رهيوآهي، ايس ايچ او جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري نارين کي اسان حوالي ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايڇ او ڳاهيجا غلام مصطفيٰ ابڙو ٻڌايو ته ناريون قمبر ڀرسان ڳوٺ گٽهر مان ٻرڙا برادري وٽان بازياب ٿيون، جتي هنن شاديون ڪري ڇڏيون آهن، هن ٻڌايو ته ڇوڪرين پوليس کي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان پنهنجي گهران نڪري رضا خوشيءَ سان ٻرڙا برادري جي نوجوانن سان پرڻو ڪيو آهي، ناري کي وارثن حوالي ڪرڻ تي هنن مارجي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، ايس ايچ او چيو ته ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بعد نارين جي موقف جي خبر پوندي. عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اسان نارين کي وارثن سان ملاقات نٿا ڪرائي سگهون. هن چيوته پوليس ڪنهن تي به تشدد ناهي ڪيو.