حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ جهڏو واسڻ هريا ڪولهي کي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هريا ڪولهي مڙس نور محمد لاشاري سان گڏجي تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ ناري موقف اختيار ڪيو هو ته هن آڪٽوبر 2020ع دوران گهران نڪري مسلمان ٿيڻ بعد نور محمد لاشاري سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تان مڇرجي مائٽن کيس قتل ڪرڻ لاءِ ڳولا ڪرڻ شروع ڪئي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت ناري کي دارالاامان حوالي ڪيو. ناري کي عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ دارالامان جي انتظاميا پوليس پهري هيٺ پيش ڪيو. ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو ۽ نه ئي زبردستي کانئس مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. هن نور محمد لاشاري سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي. عدالت ناري جو بيان ٻڌڻ بعد کيس مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.