ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳي ويا، گٽرنالا اٿلي پيا. شھرين ماجد عطاري، شاھزيب حسين آرائين ۽ سماجي اڳواڻن شادي خان شر، علي گل مري، معشوق علي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي سياست جي ور چڙھي وئي آھي ۽ روزانو نئون ٽائون آفيسر مقرر ٿئي ٿو پر شھر جي صفائي جو ڪم ڪڏھن به بھتر طريقي سان ناھي ٿي سگھيو ۽ شھر جي مين روڊن تي گٽر نالن جون ٺھيل موريون ٽٽل آھن ۽ گٽر نالا بند پيل آھن جنھن سبب گٽرنالا اٿلڻ ڪري شھر جي روڊن ۽ گلين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي. هنن ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ٿا ڪيو ته ڄام صاحب شھر ۾ گٽر نالن جي صفائي ڪرائي گندگي جا ڍير ختم ڪرايا وڃن. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر محمد لائق زرداري ٻڌايو ته مون کي ٻه ڏينھن ٿيا آهن جو چارج ورتي آھي، انشاءِ الله شھر جي گٽر نالن جي مڪمل صفائي ڪرائي ويندي.