مذهبي نفرت هندستان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي؟

0
127
مذهبي نفرت هندستان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي؟

 ڀارت ۾ مسلمانن تي هندو انتها پسندن جا ظلم گهٽ نه ٿيا. ڪرناٽڪا رياست  ۾ حجاب ۽ حلال گوشت مخالف مهم کانپوءِ هاڻي هندو انتها پسند گروپ بجرنگ دل ۽ شري رام سينا ​​جي مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي پابندي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مسلمان لائوڊ اسپيڪرن تي اذان بند نه ڪئي ته صبح 5 وڳي مسجدن ۾ ڀڄن وڄايا ويندا. جيڪڏهن مسلمان اڃا به نه مڃيندا ته پوءِ مسجدن جي ٻاهران لائوڊ اسپيڪرن تي اذان کان وڌيڪ زور سان هنومان چاليسا  وڄايا ويندا.

 ٻئي طرف ڪرناٽڪ ۾ حلال گوشت تي پابندي لڳائي وئي آهي. هندو بنياد پرست اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته حلال گوشت مسلمانن جو معاشي جهاد آهي.  جهاد کان پوءِ مسلمانن معاشي جهاد شروع ڪيو.

   ٽين طرف، دهلي جي ميئر هندو تهوار نوراتري دوران دهلي ۾ حلال گوشت جا دڪان بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته حلال گوشت جا دڪان 11 اپريل تائين مڪمل بند رهندا. جيڪو به ان جي خلاف ورزي ڪندو ان خلاف سخت قدم کنيا ويندا. چيو پيو وڃي ته دهلي جو ميئر بي جي پي جو حامي آهي.

دهليءَ جي ميئر ان ڳالهه جو جواز ڄاڻايو آهي ته هندو تهوار نوراتريءَ تي درگا ديوي جا عقيدتمند  ڀاڄيون کائيندا آھن ۽  9 ڏينهن روزا رکندا آهن. هو  هڏ ماس يا گوشت وارو کاڌو، شراب ۽ ڪجهه مصالحا ناهن  کائيندا آهن. ايتري قدر جو بصر ۽  ٿوم جو به استعمال نه ڪندا آهن. پر رپورٽن مطابق گوشت کانسواءِ ، شراب، بصر، ٿوم مصالحن کان سواءِ ڪنهن به شيءَ تي پابندي لاڳو نه ڪئي وئي آھي. ياد رهي ته هندستان ۾ گوشت جو ڪاروبار اڪثر ڪري مسلمان هلائيندا آهن. ۽ 70 سيڪڙو هندستاني گوشت کائيندا آهن. هن وقت رمضان جو مهينو به آھي. مسلمانن کي به گوشت وٺڻ کان کائڻ کان روڪيو ويو آھي. هندو انتهاپسند اهو به مطالبو ڪري رهيا آھن ته جيڪڏهن مسلمان حرام گوشت کائيندا ته پوءِ مسلمانن کي  حلال گوشت جو ڪاروبار ڪرڻ ڏنو ويندو.

حڪومتي اهلڪارن جي ان بيان تي  ڀارتي سوشل ميڊيا تي سٺو ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ هنن چيو ته دهلي ۾ 99 سيڪڙو ماڻهو نوراتريءَ دوران بصر ۽ ٿوم جو استعمال به نه ڪندا آھن.سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ هندو ۽ مسلمان ٻنهي ان معاملي تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ اڪثر ماڻهن ان کي کل جوڳو عمل قرار ڏنو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو  گوشت جا دڪان نوراتري دوران بند ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هن ڀيري نوراتري 2 اپريل کان 11 اپريل تائين آهي.

ٻئي طرف هندو انتها پسند تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته هندو تهوارن تي مسلمانن جي ڪاروبار تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. مسلمانن کي مندرن ٻاهران  يا ان جي چوڌاري دڪان کولڻ جي اجازت ناهي ايتري قدر جو  مندر وارن گهٽين ۾ به مسلمانن کي ڪاروبار نه ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي۔

پنجون،  بي بي سي مطابق دنيا جي مشهور مسلمان فنڪار، مانسيا وي پي، جيڪا  هاڻي ڪلاسيڪل ڊانس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي ان کي ڪيرالا رياست جي هڪ مندر ۾ ڪلاسيڪل ڊانس ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن کي هندو انتهاپسندن  رقص  جي اجازت ان ڪري نه ڏني  ڇو ته هو مسلمان آهي.  ان واقعي کانپوءِ عوام ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ڪلا يا رقص جو به ڪو  مذهب  ٿيندوآهي ڇا؟ اهڙا واقعا سڄي هندوستان مان بين الاقوامي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن.

جڏهن کان بي جي پي اقتدار ۾ آئي آهي، ان هڪ کليل سازش تحت مسلمانن خلاف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي جنگ جو اعلان ڪيو آهي. مون کي خبر ناهي ته هي ذات پات جي نفرت، تعصب ۽ ڌرم جي سياست هندستان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته بي جي پي  اقتدار ۾ آئي  مسلم نفرت بيانيي ڪري ھئي. بي جي پي جي سياست بابري مسجد جي ڊاهڻ سان شروع ٿي. پوءِ هاڻي هوءَ پنهنجي  اصليت يعني نفرت ۽ تعصب واري سياست تان ڪيئن پوئتي هٽندي؟ اهو ئي سبب آھي ته سدائين بي جي پي مسلم مخالف تقريرون ڪري هندن جي جذبن سان کيڏي اليڪشن کٽيندي رهيندي آھي. ڪرناٽڪا  رياست ۾ اڃا چونڊون ٿيڻيون آهن، ان ڪري بي جي پي چاهي ٿي ته هي اليڪشن کٽي  ان ڪري هو مسلمانن جي رت ۾ هٿ رنگي اليڪشن کٽڻ ٿي چاهي.

هن موڙ ته مخالف ڌر ۽ باشعور عوام جو سخت امتحان آهي ته هو بي جي پي جي هن چالباز ۽ خوني سياست کي  شڪست ڏين. پر اهم سوال اهو آهي ته ڇا مخالف ڌر ۽ باشعور عوام ان مشن ۾ ڪامياب ٿيندا، يقينن اهو وقت ئي ٻڌائيندو؟ پر دنيا کي هندستان جي مذهبي نفرت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ مسلمانن کي جيئڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. آخر بي جي پي جي هن ظالماڻي سياست جو نشانو لکين مسلمانن کي ڇو بڻايو پيو وڃي؟