صحافت ،ڏکيايون ۽ ملندڙ مان

0
119
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عرفان ڦلپوٽو خيرپور مان لکي ٿو

سنڌ ۾ صحافت ڪرڻ لاءِ اها چوڻي  عام بڻجي وئي آهي ته “پنهنجي پاڻ کي ٻرندڙ باهه ۾ اڇلڻ آهي”. پهرين مرحلي ۾ لالچن جي ڄارَ مان پنهنجو پاند آجو ڪري مس جان ڇٽندي آهي ته مٿان وري موتمار ڌمڪيون ملڻ جتي هاڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر پوءِ به نه ڄاڻ اهو ڪهڙو اڻلَکو عشق آهي جيڪو سچ جي هن سفر ۾ مون کي صحافت سان ڳنڍيو پيو اچي. اسان جو سماج جتي سماجي برايون ۽ بدعنوانيون چوٽ چڙهيل هجن اتي خبر جون حقيقتون گڏ ڪرڻ جي خفت ۾ هٿ پير سڙندا ئي رهن ٿا.

  خيرپور جي سماجي نفسيات ۽ سياسي وايو منڊل سنڌ جي انهن پٺتي پيل ضلعن جهڙو ئي آهي. ادارن ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، جنهن به اداري جي کوج ڪريون ٿا ته ڏندين آڱريون اچي ويندڙ انڪشاف سامهون اچن ٿا. سچ لکڻ تي جيتوڻيڪ خيرپور جي ساڃاهه وند حلقن ۾ عزت ۽ مانُ به ملي ٿو ته وري ادارن ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيائون ۽ انهن جي ساٿاري سياسي قوتن پاران دهماني روش روا رکي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن به قلم کنيو آهي ته منهنجي ڪيفيت مظلوم سان حق انصاف جي حاصلات تائين مڪمل سچائي واري ئي رهي آهي. هونئن ته خيرپور ۾ صحافت ڪندي ٽيهارو سال ٿي  چڪا هوندا پر گذريل ٽن سالن کان “پنهنجي اخبار” ۾ علي قاضي صاحب جهڙي پروفيشنل  صحافي جي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ ۾ روحاني تسڪين ملندي آهي ۽ بي خوف ٿي قلم جي حرمت جي پاسداري ڪرڻ ۾ سگهه ملندي اٿم.

گذريل ٽن سالن کان خيرپور جي سياسي سماجي حوالي سان پيدا ٿيل ماحول تي لکڻ منهنجي پوين صحافتي تجربن کان گھڻو مختلف ۽ غير معمولي نوعيت جو رهيو آهي. پاڻ ۾ ان عرصي دوران هڪ ميچورٽي محسوس ٿيندي اٿم. هر خبر يا رپورٽ تي اداري پاران ڇنڊڇاڻ جا ڪيترائي مرحلا آڏو اچن ٿا اهڙي پراسيس مان لنگهندي احساس ٿئي ٿو ته صحافت ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. خيرپور جي انتهائي سينئر سياسي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه پاران بيان جاري ڪيو ويو ته سندس پهرين گھر واريءَ جي اولاد پاران کيس ۽ سندس ٻي گهر واريءَ ۽ اولاد کي جان سان مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سيد غوث علي شاهه پاران مختصر بيان جاري ڪندي اهڙو انڪشاف سموري ميڊيا جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو. پنهنجي اخبار جي نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار طرفان ان حوالي سان غوث علي شاهه جو تفصيلي انٽرويو وٺي موڪلڻ جون هدايتون مليون. ان وقت سيد غوث علي شاهه کي پوليس جي سخت چوڪسيءَ ۾ رکيو ويو هو ۽ ڪنهن کي به ملڻ نٿي ڏنو ويو ۽ غوث علي شاهه جو فون پڻ آف پئي مليو پر صحافتي جنون هجڻ ڪري ڳاڙهي موري واري سندس بنگلي توڙي خيرپور واري بنگلي جا هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي چڪر ڪاٽڻا پيا نيٺ سيد غوث علي شاهه سان ڪنهن سگهاري سورس ذريعي ملاقات ڪئي ۽ کائنس معاملي جا تفصيل وٺي اداري ڏانهن خبر اماڻي جڏهن اها شايع ٿي ته گهڻي خوشي انڪري به محسوس ٿي ته اسان پنهنجي اخبار جي پڙهندڙن تائين خبر جو اصل چهرو سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.

گذريل سال دوران سول اسپتال خيرپور ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ دوائن جي چوري سميت ڪرپشن جي قائم ڪيل راڄ تي پڻ ايڪسڪلوزو اسٽوري شايع ڪئي اسٽوري شايع ٿيڻ سان خيرپور ۾ پنهنجي اخبار جي سرڪيوليشن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو ۽ خيرپور جي عوام جو پنهنجي اخبار مٿان اعتماد ۾ اضافو ٿيو. ثبوتن سان جڏهن اسٽوري شايع ٿي ته پوري سول اسپتال جي عملي ۾ وڏي ڦڙڦوٽ پئجي وئي ۽ پنهنجي اخبار جو حوالو ڏيندي سنڌ سرڪار جي صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين طرفان انڪوائري ڪميشن تشڪيل ڏني وئي. سول اسپتال تي ان انداز سان بيباڪيءَ سان لکڻ تي “پنهنجي اخبار” کي خيرپور واسين پاران ساراهيو ويو جڏهن ته ان دوران انويسٽيگيشن واري مرحلي ۾ اسٽوري ميچوئر ڪرڻ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ تي مالي فائدا ڏيڻ جون آڇون به ٿيون ته سياسي واٺن پاران مون کي ۽ منهنجي رشتيدارن کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پڻ مليون ۽ منهنجي رشتيدارن جون بدليون ڏورانهن علائقن ڏانهن ڪرڻ جا سانگ به سٽيا ويا پر خيرپور جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ڪيم ۽ اهڙي صحافت ڪرڻ تي خيرپور جي سماجي تنظيمن پاران مڃتا ايوارڊ مليا ته سمورو ٿَڪُ ئي لهي ويو.

صحافت جي پيشي ۾ صحافيءَ جو گهڻي ۾ گھڻو واسطو پوليس سان پئي ٿو. خيرپور جو ضلعو به سنڌ جي ٻين ضلعن جيان امن امان جي حوالي سان غير اطمينان بخش ئي رهيو آهي. ان حوالي سان خيرپور ۾ چورين ڌاڙن جي ڪيسن کي ته موجوده ايس پي ڏوهه ئي مڃڻ کان انڪاري آهي سندس چوڻ رهيو آهي ته اهو ڪو ڪرائيم ناهي. 35 لکن جي آباديءَ واري ضلعي ۾ موٽر سائيڪل کسڻ يا ڪنهن گھر مان چوري ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر هو قبيلائي تڪرارن کي ۽ قتل جي وارداتن کي ڏوهه قرار ڏئي ٿو. خيرپور ۾ اوڍا ناريجا خوني تڪرار ۽ ناريجا برادري جي اندروني تڪرار جا واقعا رونما ٿيا ته ڄڻ خيرپور وري قبيلائي تڪرار جي باهه ۾ سڙڻ لڳي. جيتوڻيڪ ايس ايس پي خيرپور ناريجا اوڍا تڪرار جي نبيري جو ڪريڊٽ پاڻ ڏانهن کڻي ٿو پر خيرپور جي عوام کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته اوڍا ناريجا خوني تڪرار جو نبيرو ايم پي اي سيد راشد شاهه راشدي جي ڪوششن سان ئي نبرجي سگهيو هو ڇاڪاڻ ته اهڙي خوني تڪرار جا برا نتيجا جيڪو عوام ڀوڳي رهيو هو سو سيد راشد شاهه راشدي جي تڪ جو عوام هو. ان حوالي سان خبر جي اصليت ظاهر ڪرڻ تي خيرپور پوليس اڄ تائين مونسان ڪاوڙيل آهي پر ان جي ڪاوڙ مون گذريل ٽيهن سالن جي صحافتي سفر ۾ کنئي آهي اها ڪا نئين ريت ناهي رهي.

منهنجي صحافت جو سفر اڄ به جاري آهي پنهنجي هر ممڪن سگهه سان منهنجو قلم عوام جي مفادن لاءِ علم بڻجي سرلاٽ ڪندو رهي ٿو ۽ اها ئي دعا گهرندو رهي ٿو ته “سگهه ڏي اهڙي سچَ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي، ڳچي ٿئي ڳچ ته به چوان جو چوڻو هجي.”