مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳوٺ بنگلاڻي لاڙو واسي ڪريم داد بنگلاڻي کي  هٿياربندن هٿيارن جي زور تي  يرغمال بڻائي تشدد بعد هٿ پير ٻڌي ڦٽو ڪرڻ بعد جوابدار ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف ڳوٺ الهداداڻي واسي نوجوان اعجاز پٽ منظور ابڙو کي هٿياربندن يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واردات بعد ڳوٺاڻن ۽ پوليس گڏجي پيرا کنيا جيڪي ڪچي جي علائقي درياءَ جي بند وٽ گم ٿي ويا.