ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه جون مذهبي تنظيمون به تعلقي جي جدوجهد ۾ شامل ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾   پاڪستان سني تحريڪ جو اجلاس منعقد ڪيو ويو ۔ ان موقعي تي پاڪستان سني تحريڪ جي اڳواڻن ڀٽ شاهه کي تعلقو بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيوآهي ڀٽ شاهه صوبائي صدر نوراحمدقاسمي ۽ مرڪزي اڳواڻ سيد اعجاز علي شاهه ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀٽ شاه عظيم بزرگ هستي جي نگري ۽ انٽرنيشنل شهر آهي ان کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. هنن چيو ته اسين ڀٽ شاهه تعلقا جدوجهد ڪاميٽي جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ڪاميٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي ۽ تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو.