حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انوائيرمينٽ، ڪلائميٽ چئنج ۽ ڪوسٽل ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتين لاءِ ورتل زباني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ڪامياب اميدوارن جي مقرري لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (لا) گريڊ 17، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ايڊمن اينڊ فنانس) گريڊ 17، ڪميسٽ گريڊ 17 ۽ اسسٽٽ ڊائريڪٽر (ٽيڪنيڪل) گريڊ 17 جي عهدي تي ڀرتين لاءِ زباني امتحان ورتا هئا جن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. اهي امتحان هلندڙ مهيني جي مختلف تاريخن تي ورتا ويا هئا. ڪميشن جي پڌرائي مطابق اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (لا) جي عهدي لاءِ عامر سهيل، جميل عباس ۽ طفيل احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فنانس جي عهدي لاءِ ماجد هاشم، محمد شعيب، ڪميسٽ جي عهدي لاءِ مسعود رحمان، طالب حسين، محمد فهيم، طاهره قريشي، زاهد حسين، محمد علي، رافع الزمان، جميل احمد، انيل ڪمار، سورٺ سنڌو، انور علي، شاهد الرحمان، نويد قاسم، پرهه، ثمينه، احسان نعيم، مقصود احمد، غلام سرور جتوئي، جاويد، شاهنواز، عبدالله، حميره ۽ ثانيا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ٽيڪنيڪل) جي عهدي لاءِ عبدالسلام سمون، بينظير، عبدالعزيز مهر، دولت رام، وڪرم ڪمار، انجم، توفيق احمد، ڪائنات، افسران، رياض احمد، خديجه، تبريڪ، شاهه رخ خان، تقي رضا، فياض صالح حسين، انيل ڪمار، عبدالرحمان اقبال، محمد عمران اڪرم، ذيشان ڪبير احمد، حمزه اسلام، فيصل عباس، اياز احمد، نورين رضا، الاهي بخش، عدنان وحيد، اشفاق حسين، رياض علي، حسين گل، محمد متارو، فهيم علي ۽ ثمرين تاج کي ڪامياب قرار ڏئي سندن مقرري جي سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي.