محرابپور ڀرسان واهه جي دروازن ۾ ڦاٿل نوجوان جو لاش هٿ

0
276

محرابپور (ن پ ا) محرابپور ڀرسان واهه جي دروازن ۾ ڦاٿل نوجوان جو لاش هٿ، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڳريل حالت ۾ هجڻ سبب سڃاڻپ نه ٿي سگهي، وارثن جو پتو نه پئجي سگهيو ته ايڌي رضاڪارن طرفان لاوارث ڄاڻائي لاش دفنايو ويندو.