ڪوٽڙي (رپورٽر)ڪوٽڙي جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ڊي سي ڄامشورو خلاف  عدالت ۾ وڃڻ ۽ لمس گيٽ اڳيان انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.  شورو هائوس تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر سڪندر علي شوري چيو ته ڊي سي ڄامشورو سياسي ونگار وهي رهيو آهي، سندس خلاف اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي جڏهن سڀاڻي خميس  ڏهاڙي لمس جي گيٽ اڳيان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڊي سي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. هن چيو ته سياسي بنيادن تي چونڊيل نمائندن جي پرچي تي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي جيڪا ناانصافي آهي، سڄي سنڌ جا ماڻهو ڄامشوري ۾ آيل آهن، مقامي ماڻهو پڻ متاثر ٿيل آهن پر ڊي سي ڄامشورو پرچي تي ٽينٽ ورهائي رهيو آهي. برسات ۽ ٻوڏ ۾ سڀ متاثر ٿيا آهن پر امداد انهن کي ڏني پئي وڃي جيڪي چونڊيل نمائندن جا حمايتي آهن، هن چيو ته ڊي سي ڄامشورو حقيقي ٻوڏ متاثرن سان ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندن رليف جي نالي تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن پڻ ٿي رهي آهي جنهن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو تهڪوٽڙي شهر کي گٽر جي پاڻي ۾ ٻوڙيو ويو آهي ميونسيپل ڪوٽڙي مڪمل طور تي ناڪام بڻجي وئي آهي ٽائون ۽ ٽائون مانجهند ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهن، لياقت روڊ ڪوٽڙي موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.