ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي رليف ڪئمپ سھولتن جي اڻھوند، 3 ڏينھن کان مليريا ۾ مبتلا ٻوڏ متاثر عورت صحت جون سھولتون نه ملڻ ڪري فوت، ڪھرام، ان ڏس ۾ مرچ منڊي جي نئين بلڊنگ ۾ قائم رليف ڪئمپ تي ويٺل ٻوڏ متاثرن کي انتظاميا وساري بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو،  ڪئمپ ۾ کاڌي پيتي، علاج توڙي بنيادي سھولتون نه ملڻ ڪري ٻوڏ متاثر ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن. ڪئمپ ۾ صحت جون سھولتون نه ھجڻ ڪري 3 ڏينھن کان مليريا ۾ مبتلا ٻوڏ متاثر 75 ورھين جي عورت مروان زال لاکو ڪولھي فوت ٿي وئي، عورت کي وارث تعلقي اسپتال ڪنري کڻي آيا جتي هن دم ڏنو. ان موقعي تي عورت جي وارثن دانهيندي چيو ته  ڏيڍ مھينا کان  رليف ڪئمپ تي ويٺل آھيون، ڪي به سهولتون ناهن، عورت 3 ڏينھن کان بيمار ھئي پر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي.