اڪري چودڳي (ن پ ا) برساتن بعد وڏي پيماني تي تباهي باوجود يوسي اڪري چودڳيءَ ۾ برسات متاثر سرڪاري امداد کان محروم، کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثر بکن ۾ پاهه ٿي ويا. يوسي اڪري چودڳيءَ جي ڳوٺ محمد معروف شر واسي يتيم نينگر صداقت شر معصوم ڀائرن، ڀيڻ ۽ امڙ جي فاقاڪشي کان مجبور ٿي سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان ذريعي التجا ڪندي چيو آهي ته بابا فوت ٿي ويو، امڙ بيمار آهي، چئن معصوم ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي ڪفالت منهنجي وس کان ٻاهر آهي. گهر ڊهي پوڻ بعد روڊ تي ويٺل آهيون، گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھه ناهي، سرڪار توڙي سرندي وارن جي اسان تي نظر نٿي پوي. هن روئيندي چيو ته بيمار امڙ جي دوا ۽ معصوم ڀائرن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجھه به ناهي، مزدوري به نٿي ملي، در در ڀٽڪڻ ۽ دانهڻ باوجود واهر نه ٿيڻ سبب جيئڻ تان ارواح کڄي ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فوري طور امداد نه ملي ته بکن وگهي مري وينداسين. هن سنڌ حڪومت، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته سندن مالي سهائتا ڪري بک مرڻ کان بچايو وڃي.