ماڻهو ڇا چوندا ؟

0
198

ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏيو ته ماڻهو ڇا چوندا؟ ڇو ته ماڻهو اوهان مٿان کلڻ جو انتظار ئي ڪندا آهن، اهي اوهان جي هارائجڻ جو ئي انتظار ڪندا آهن، اهو انهي ڪري ته ماڻهن کي تڪليف خراب نه پر سٺن ماڻهن کان ئي ٿيندي آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته سٺن ماڻهن آڏو انهن کي پنهنجو علم پنهنجو قد ڪاٺ ننڍو نظر ايندو آهي، سٺن ماڻهن آڏو اهي پاڻ کي گهٽ تصور ڪندا آهن، بي علم يا وري بي عمل ماڻهن کي ئي اڳتي وڌندڙ ماڻهن کان تڪليف ٿيندي آهي جيئن انڌن جي شهر ۾ ڪو اکين وارو ماڻهو اچي وڃي ته انهن کي تڪليف ٿيندي آهي، ڇو ته انڌا ته پنهنجي زندگي ۾ خوش هئا انهن کي پرواهه ئي نه هئي ته ڪجهه آهي يا نه پر اکين وارو ماڻهو بنيادي سهولتن جي ڳالهه ڪندو، اهي حاصل ڪندو ته يقينن انڌن کي تڪليف ٿيندي ۽ ان سان پنهنجي ڀيٽ ڪندا، اهڙي ريت جيئن جيئن اوهان ترقي ڪندا اڳتي وڌندا ته ماڻهو اوهان لاءِ به مختلف ڳالهيون ڪندا ڇو ته اهي پاڻ کي پوئتي محسوس ڪندا آهن تنهن ڪري ماڻهن جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي منزل ڏانهن وڌندا رهو.