ماهره خان ڀارتي فلمسازن سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

0
1062

ڪراچي: سپر اسٽار ماهرا خان انهن اداڪارائن منجهان آهي جن پنهنجي فلم رئيس ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي. ماهرا 2017 ۾ فلم رئيس ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي زال جو ڪردار ادا ڪيو هو، اداڪاره مختلف انٽرويوز ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. بهرحال ، هڪ ڀيرو ٻيهر ماهره خان بالي ووڊ فلمسازن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هندستاني ليکڪ انوپما چوپڙا سان گڏ آن لائين انٽرويو ۾ ماهرا خان اعتراف ڪيو ته هن کي بالي ووڊ مان ڪيتريون ئي آفرز مليون جن کي هن ڇڏڻ نه پئي چاهيو. اداڪاره جو چوڻ هو ته هو بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان ڊنل هئي پر هاڻ ايئن ناهي. هاڻي هو سمجهي ٿي ته هوءَ سياسي مسئلن لاءِ پنهنجي پسند نٿي ڇڏي سگهي.