پاڪستان سپر ليگ- 6 جون باقي ميچون به ملتوي

0
390

لاهور: پاڪستان سپر ليگ- 6 جون باقي ميچون به اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب ابوظهبي ۾ طئه ٿيل پي ايس ايل جون باقي 20 ميچون آپريشنل سببن جي ڪري اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن. ذريعن ٻڌايو ته هڪ مسئلو هڪ ته فرنچائزز جي مالي مشڪلاتن جو هو ۽ ٻيو ڪورونا ويڪسين جو مسئلو هو ، پاڪستاني رانديگرن کي ته ويڪسين لڳائي وڃڻو هو، پر ڪيترن ئي پرڏيهي رانديگرن ۽ اسٽاف جي ويڪسين جو مسئلو هو. ذريعن موجب پي ايس ايل 6 لاءِ يو اي اي پاران ويڪسين ڇوٽ جي رعايت نه ملي سگهي ڇاڪاڻ ته عرب امارات ويڪسين لازمي قرار ڏني هئي.