سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي جي 7 جون تي ورسي تقريب ڪينسل

0
334

حيدرآباد: سنڌ ۾ ڪورونا جي تيزيءَ سان خراب ٿيندڙ موتمار صورت حال ۽ ڪئين نامور شخصيتن جي ڪووڊ سبب افسوسناڪ لاڏاڻن کي نظر ۾ رکندي، قومي عوامي تحريڪ عظيم مفڪر، سياستدان ۽ استاد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي 7 جون جي ٽين ورسيءَ جو مرڪزي پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجي موجب ھاڻ ورسي انتھائي سادگي سان ۽ ايس او پيز تحت مختلف ضلعن ۾ محدود ۽ مقامي بنيادن تي ملھائي ويندي ۽ 7 جون 2021 تي گذريل سال جيان محترم رسول بخش پليجو صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي لکين پرستارن جي مدد سان ٽرينڊ پڻ ھلايو ويندو. قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي ماڻھن کي اپيل ٿي ڪري ته تيزي سان بگڙجندڙ صورت حال ۾ گھرن ۾ رھن، ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ فورن ويڪسين ڪرائين.