مانجھند ڀرسان آئل ٽينڪر ڪلٽي، هزارين ليٽر پيٽرول ضايع

0
166

مانجھند(ن پ ا) مانجھند ڀرسان آئل ٽينڪر ڪلٽي، هزارين ليٽر پيٽرول ضايع ٿي ويو، لاکڙا ڪول مائنز ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ تي پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڀريل آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ ڪري ڊرائييور زخمي ٿي پيو، لاکڙا ڪول مائينز ۾ مبينا غيرقانوني طور پيٽرول ۽ ڊيزل جا ھزارين ليٽر کڻي ويندڙ آئل ٽينڪر بريڪ فيل ٿيڻ جي ڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھزارين ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل ضايع ٿي ويو، جڏهن ته ٽينڪر ڊرائيور سليمان بروھي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.