مانجھند ( رپورٽر ) انڊس ھاء وي چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب ٻارڙي سميت چار گھرڀاتي زخمي ٿي پيا، ان ڏس ۾ ربنواز ھوٽل جي سامھون چنگچي رڪشا جي اوچتو ايڪسل ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جيڪي مانجھند کان ڄامشورو وڃي رھيا ھيا. زخمين ۾ حافظ رفيق احمد ابڙو جاويد احمد ابڙو لطف الله ابڙو ٻارڙي بصرا ڌي حافظ رفيق احمد ابڙو شامل آھن، حادثي جي زخمين کي مانجھند جي مقامي ماڻھن پھنجي مدد پاڻ تعلقا اسپتال مانجھند پھچايو ويو زخمي جتي چنگچي ۾ سوار زخمي ٿيل ابڙا ڳوٺ جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن.