ڪڍڻ (ن پ ا ) مسلم ھينڊز آرگنائيزيشن طرفان ڳوٺن ۾ آلودگي جي خاتمي ۽ ماحول کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ ٻوٽا پوکيا ويا ۽ صحت صفائي جي حوالي سان ڄاڻ ڏني ويئي. ڄاڻايل سماجي تنظيم پاران ڳوٺ آلو ڪولھيءَ ۾ ماحول مان آلودگيءَ جي خاتمي لاءِ مختلف قسمن جا 300 ٻوٽا پوکيا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ابو طالب خاصخيلي ۽ تيرٿ داس چيو ته آلودگيءَ جو خاتمو آڻي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.