مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز جي ڪريم ڪول ڪمپني ۾ کاڻ اندر ڪم ڪندڙ پورهيت نوجوان رسي ٽٽڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو. ڪريم ڪول ۾ کاڻ اندر ڪم ڪندڙ پورھيت پشاور جي علائقي خوازه خيلا جو رھواسي 25 ورھين جو مھراڻ خان پٺاڻ فوت ٿي ويو. ذريعن موجب پورھيت نوجوان جي ڪم ڪرڻ دوران اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي ايمرجنسي ۾ زنبيل تي واپس اچي رھيو ھو ته زنبيل ٽٽڻ سبب کاڻ اندر ڪري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.