ماضي ۽ اسان جو حال

0
256

دنيا ۾ قومن ترقي جا قدم تڏهن چميا جڏهن هو هڪ ٻئي سان ڀائيچارو ڳانڍاپو يڪجهتي سان رهيون آھن، اسان پوئتي پيل تڏهن آھيون جو اسان هڪ ٻئي کان مطمئن نه آھيون هڪ ٻئي تي ڀروسو نه آھي هڪڙو موقف نه آھي مفاد پرست ماڻھن سان وابستا آھيون. دنيا جون اهڙيون قومون به ٻڌيون سين جن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا به سڃاڻپ نه هئي هنن وٽ تهذيب نه هئي انهي باوجود به انهن پوئتي پيل قومن مان ڪجهه ماڻھن سجاڳ ٿي پوري قوم جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو .
انهي ڀيٽ ۾ اسان پنهنجو پاڻ تي نظر ٿا وجهون ته بلڪل ابتڙ ٿو نظر اچي. اسان انهي قوم جو حصو آھيون جنهن وٽ تهذيب ۽ مٺي ٻولي آھي. معدنياتي وسيلن سان مالامال ڌرتي آھي پر اسان جي معاشري ۾ حسد ساڙ نفرت اھڙا ته پير ڄمايا آھن جنهن مان جان ڇڏائڻ تمام مشڪل ٿي پيو آھي.
اسان کي انهي ڳالھه ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به شڪ نه ڪرڻ کپي ته اسان جي معاشري کي تباهه ڪرڻ ۾ پهريون هٿ حسد ۽ نفرت جو آھي، هاڻي پنهنجا وسيلا اکين اڳيان وڃن پيا، ڏسون به ٿا تڏهن به ڪجهه ڪڇي نٿا سگهون پنهنجن شھرن کان هٿ ڌوئي ويٺاسين جبلن جو قتل اکين اڳيان پيو ٿئي معصومن سان ڏاڍ جا هر ڏينهن نوان ڪيس پيا ٻڌون خودڪشي وڌي رهيون آهن ٻيٽ کسيا پيا وڃن، نياڻين سان ريپ جون خبرون هر روز ٻڌندا آھيون ڪوئلي گئس تي ڌاڙو بحريا ٽائون جو ظلم مطلب هزارين مسئلا اکين آڏو آھن، مجال آھي جو ڪنهن سان اکيون ملائي چئي سگهون ته بابا هي ظلم آھي ناانصافي آهي.
اسان کي انڌي ۽ گونگي ۾ فرق نظر نٿو اچي، تعليم تباهه ٿي تڏهن به اسان جي صحت تي ڪو به اثر نٿو پوي. تعليم جا ماھر به انهي ڳالھه کي تسليم ڪري چڪا آھن ته جتي تعليم جي کوٽ هوندي آھي اتي جهالت پنهنجو عروج حاصل ڪندي آھي يا ايئن کڻي چئجي ته جنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم تي ڌاڙو هڻجي، انهي قوم کي ڪنهن به ائٽمي هٿيار سان ختم ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
موجود دور کي ڏسي وري ماضي تي نظر گهمائجي ته اسين ڪيترو اڳتي نڪري چڪا آھيون پراڻي دور ۾ ٽيڪنالاجي ايتري ترقي نه ڪئي هئي روڊ رستن جي ايتري سهولت ميسر نه هوندي هئي، اڪثر ماڻھو پنهنجي گهرن تائين ڳوٺن تائين محدود هوندا هئا دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي يا ٻاهرين ملڪن جي ماڻھن جي رهڻي ڪهڻي ڇا هئي ڪجهه ماڻھن کان سواءِ ڪنهن کي به انهي ڳالھه جو علم نه هوندو هو. ماضي کي ڇڏي موجوده دور کي ڏسجي ٿو ته سائنس اسان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آھي. سائنس جي اک سان اسان پوري دنيا جي ڄاڻ گهر ويٺي وٺي سگهون ٿا. سهي کي سهي ۽ غلط کي غلط جو فيصلو اسان بغير ڪنهن خوف جي آساني سان ڪري سگهون ٿا ۽ هر شيءَ تي جائز راءِ ڏئي وٺي سگهون ٿا ٽيڪنالاجي اسان کي جيڪو سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم جوڙي ڏنو آھي،سو به ڪنهن ساراھ کان گهٽ نه آھي. سوشل ميڊيا اسان کي تمام گهڻا فائدا ڏنا آهن. سنڌ جي هر مسئلي تي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ واري کي پنهنجي پنهنجي مسئلي تي ڳالهائڻ جو پورو حق آھي. تازو مثال آھي سنڌ ۾ بوگس ڊوميسائيل وارو مسئلو جنهن تي لکن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻھن ٽئيٽر وسيلي ٽوئيٽ ڪري پوري دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون حقيقت ۾ جيڪڏهن انهي مسئلي تي سنڌ جا نوجوان ٽوئيٽ نه ڪن ها ته اسان جي سنڌ گورنمينٽ جي مٿي تي جونءَ به نه سري ھا. انهي سان گڏ پاڻي جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪو مسئلو سنڌي نوجوانن پاڻ ملهايو آھي.
ٻئي پاسي هڪڙو مخصوص تنقيدي ٽولو به ٽڪيل آھي انهي ئي پليٽفارمن تي جنهن جو ڪم ئي انڌا ڌند تنقيد ڪرڻ آھي بيشڪ هو حقيقت کان واقف هجي يا نه بس هنن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آھي.
وقت جو ڦيرو يا مصيبت جو سج هر انسان مٿان اڀري ٿو ليڪن گهڙيال جي ڪانٽي سان گڏوگڏ اها مصيبت لھي ٿي وڃي. جيئن چين جي شھر ووهان مان ڦهليل وبا جنهن دنيا ۾ ڪورونا جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آھي جنهن نه صرف عام عوام جو پريشاني ۾ پگهر ڪڍيو آھي پر سائنسدانن دنيا جي مڃيل ماهرن کي به منجهائي وڌو آهي.
انهي وبا کان مٿي ٻيون به ڪجھه اهڙيون وبائون آھن جيڪي صدين کان سرگرم آھن جنهن کي هتي بک، بد حالي، بيروزگاري سڏيو ٿو وڃي جنهن نه صرف ماڻھن کي ڏوهن ڏانهن ڌڪيو آهي بلڪه انهي کان وڌيڪ ماڻھن کي خودڪشي ڪرڻ تي به مجبور ڪيو آھي. ڪورونا وائرس جي ٽي لھر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي برابر انهي کي لاڪ ڊائون سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ جو ٻن لهرن ملڪي معيشت کي تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي انهي ڪري حڪومت کي لاڪ ڊائون سان گڏوگڏ امدادي ڪاررواين کي به تيز ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته ڏهاڙيدار مزدور پورهيت ماڻھو جيڪو تاريخ تي ڪمائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري ٿو انهي کي لاڪ ڊائون ۾ ڪورونا وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ بک جهڙي وائرس کي منهن ڏيڻو پوندو اهڙي صورت ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ مشڪل هوندو آھي انهي مان ڪيئي وائرس ڦٽي سگهن ٿا.