بدعنواني جي ور چڙھيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميش

0
402

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحريري امتحانن ۾  وڏي پيماني تي غفلتن سميت انٽرويوز جي نتيجن ۾ ٿيندڙ بدعنواني، پنهنجا نوازي ۽ سياسي اثر سبب پنهنجو معيار وڃائي چڪي آھي. ايس پي ايس سي جا لکت وارا امتحان ھجن يا انٽرويو ھجن، سدائين تڪراري رھيا آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  جي لکت وارن امتحانن ۾ ٿيندڙ غلطين جا ڍير به ڪا نئين ڳالھه ناھي. اھو ئي سبب آھي جو پبلڪ سروس ڪميشن جو معيار ھاڻ ايترو ته ڪري چڪو آهي جو صحيح طريقي سان هڪ MCQs جي بنياد تي ٻڌل ٽيسٽ به مقرر نٿي ڪري سگهي.  ايس پي ايس سي جي اھڙي نااھليءَ باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن جي مستقبل تي ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن. ھر سال جيان ھلندڙ سال 2021ع جي چٽاڀيٽي امتحان واري اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ ليڪچررشپ جا امتحال ان جا تازا مثال آھن. اسڪريننگ ٽيسٽ توڙي ليڪچررشپ جي لاءِ  ورتل مختلف پيپرن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب غلط ڏنا ويا آھن. جيڪو ايس پي ايس سي ۾ ويٺل عھديدارن جي قابليت تي پڻ ھڪ وڏو سواليه نشان آھي. اھو پهريون ڀيرو نه آھي، پر ان کان اول به ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چٽا ڀيٽي وارن امتحانن سميت ٻين امتحاني پيپرن ۾ وڏيون غلطيون ڪري پنهنجي نااھلي ظاھر ڪري چڪي آھي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحريري امتحانن ۽ انٽرويو جي نتيجن ۾ بدعنواني، پنهنجا نوازي ۽ سياسي اثر پڻ عروج تي رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ چٽاڀيٽي واري امتحان جي نالي تي بااثر ماڻهن جا ٻار بيوروڪريسي ڏانهن پنهنجو رستو آسان بڻائيندا آھن. جڏھن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن باصلاحيت ۽ ذھين غريب نوجوانن کي رشوت، سفارش ۽ سياسي اثر عيوض پوئتي ڌڪاري ڪيترن ئي بااثرن جي اولادن کي آفيسر مقرر ڪري پنهنجي روايت برقرار رکندي آھي.
ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ ناھي ته پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي شفاف ۽ خودمختيار ڪرڻ بدران سياسي فائدي طور هلائيندي رهي آھي. حقيقت جي ڳالھه اھا پڻ آھي ته ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ سميت روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو ھڻندڙ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پنهنجا تڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ  بااثرن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ سدائين پنهنجو اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
ڏٺو وڃي ته ايس پي ايس سي ھر تحريري امتحان توڙي انٽرويو ۾ ڪيترن ئي باصلاحيت ۽ ذهين غريب نوجوانن کي فيل ڪري انهن کي سندن حق کان محروم ڪيو آھي. تنهنڪري سنڌ جا باصلاحيت ۽ ذھين نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ظلم ۽ ناانصافين خلاف اڄ ڪلھه سوشل ميڊيا تي سراپا احتجاج آھن.
ماضي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڀرتين ۾ رشوت جا ته رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آھي پر تازو ئي سال 2020ع ۾ ورتل اي ايس آءِ حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويو جي نتيجن ۽ 2019ع جي چٽاڀيٽي امتحان واري انٽرويو جي نتيجن ۾ رشوت، پنهنجا نوازي ۽ سياسي اثر تي وڏي تعداد ۾ بااثرن جي اولادن کي نوڪرين سان نوازيو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اھڙي عمل تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن ۾ مايوس پکڙيل آھي. افسوس جي ڳالھه آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل عهديدارن ميرٽ ڪرڻ بدران ڪٿي پنهنجي عزيزن کي نوڪرين ڏنيون آھن، ڪٿي ڪامورن جي اولادن کي نوازيو آھي ته ڪٿي ڏوڪڙن تي نوڪريون وڪڻي اھل اميدوارن جي مستقبل کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي رشوت لڪائڻ لاءِ  سازش ڪرڻ ۾ پڻ ڪا گهٽتائي ناھي ڇڏي. سال 2020ع ۾ اي ايس آءِ حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويو نتيجي ۾ ھڪ اقليتي اميدوار رڪشا ڊرائيور کي اقليتي ڪوٽا ۾ رکڻ بدران ميرٽ لسٽ ۾ رکي پنهنجي شهريت ڪري ميرٽ جو ڊرامو رچايو. گڏوگڏ رشوت، پنهنجا نوازي ۽ سياسي اثر تي ڪيترن ئي اميدوارن کي حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري اي ايس آءِ انٽرويو ۾ پاس ڪري سنڌ جي غريب باصلاحيت ۽ ذھين نوجوانن کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو.  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اھڙن ڪيترن ئي اميدوارن کي اي ايس آءِ مقرر ڪيو آھي جن ۾ ڪا قابليت ناھي، نه ھو ڪو مضمون لکي سگهن ٿا نه وري سهي نموني ڳالهائي سگهن ٿا.
جيتوڻيڪ ھاءِ  ڪورٽ بينچ حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مڪينزم کي شفاف بڻائڻ لاءِ  ٻن مهنين تائين مڪمل بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. پر سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻن مهينن جي مھلت باوجود ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي؟ ڇو ته پهرين به ايس پي ايس سي کي امتحانن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ  سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آھي پر ڪميشن ان حڪم کي نظرانداز ڪيو ھو. ڇا ھاڻ ايس پي ايس سي ھاءِ  ڪورٽ بينچ حيدرآباد پاران شفاف مڪينزم بڻائڻ واري ڏنل ٻن مهينن جي مھلت کان پوءِ  پنهنجو وڃايل معيار بحال ڪري سگهندي؟ ان لاءِ  ڪجھه سخت فيصلن جي ضرورت آھي.
ھڪ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين ۽ ڪنٽرولر امتحان سميت ميمبرن کي ھٽائي انهن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.
ٻيون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ  نه صرف امتحاني ۽ انٽرويو نتيجن جو نئون مڪينزم جوڙيو وڃي پر پبلڪ سروس ڪميشن کي سياسي اثر کان آجو ڪرڻ لاءِ  چيئرمين، سيڪريٽري، ڪنٽرولر امتحان ۽ ميمبرن تي مشتمل نئين سر ٽيم پڻ جوڙي وڃي جيڪا مڪمل خودمختيار ھئڻ گهرجي.
ٽيون، نيب کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي خاص ڪري 2019ع واري چٽاڀيٽي جي لکت واري امتحان ۽ انٽرويو نتيجن سميت سال 2020 ع ۾ ٿيل اي ايس آءِ حيدرآباد رينج ۽ سي ٽي ڊي واري انٽرويو نتيجن توڙي لکت واري امتحان جا رڪارڊ طلب ڪري مڪمل جاچ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته چٽاڀيٽي 2019ع ۽ اي ايس آءِ 2020ع واري انٽرويو نتيجن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وڏي پيماني تي رشوت، سياسي اثر ۽ پنهنجا نوازي ذريعي جعلي ڀرتيون ڪيون آھن.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاءِ  ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪيل رشوت، پنهنجانوازي ۽ سياسي اثر تي غيرقانوني ڀرتين خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اعليٰ عدالتن کي گهرجي ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اھل اميدوارن کي جلد انصاف فراھم ڪيو وڃي.